شرجيل پاران صبا حيدر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار

شرجيل پاران صبا حيدر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاڪستان پيپلز پارٽي حيدرآباد ڊويزن جي ڊجيٽل ميڊيا سربراهه صبا حيدر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي تعزيت ڪئي آهي.پنهنجي تعزيتي بيان ۾ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صبا حيدر پاڪستان پيپلز پارٽي جي هڪ متحرڪ، باصلاحيت ۽ نظرياتي ڪارڪن هئي. صبا حيدر پارٽي جو پيغام عوام تائين پهچائڻ ۽ ڊجيٽل ميڊيا وسيلي پارٽي جي موقف کي اثرائتي نموني اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ صبا حيدر جون خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون، صبا حيدر جو لاڏاڻو پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي۔ هن پنهنجي محنت ۽ وابستگي وسيلي پارٽي تنظيم ۽ ڊجيٽل ميڊيا جي شعبي ۾ قدر جوڳيون خدمتون سرانجام ڏنيون.سندس چوڻ هو ته آئون مرحومه صبا حيدر جي وارثن، دوستن، ساٿين ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪريان ٿو۔ ڏک جي هن گهڙي ۾ سڄي پاڪستان پيپلز پارٽي مرحومه صبا حيدر جي سوڳوار ڪٽنب سان گڏ بيٺل آهي۔هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه صبا حيدر کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندس وارثن کي صبرِ جميل نصيب ڪري، آمين۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو