شرجيل ميمڻ کي پي پي قيادت پاران عيد گفٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ کي عيد گفٽ ملي ويو آهي. پارٽي قيادت کيس ٽرانسپورٽ کاتي جو اضافي قلمدان به ڏنوآهي. ٽنڊوڄام مان سنڌ اسيمبلي جي چونڊيل ميمبر شرجيل ميمڻ کي گذريل هفتي 6سالن جي وقفي بعد سنڌ ڪابينا ۾ شامل ڪري اطلاعات واري وزير جو قلمدان ڏنو ويو هو. سنڌ حڪومت هاڻي شرجيل ميمڻ کي ٽرانسپورٽ کاتي جو اضافي قلمدان ڏئي ڇڏيو آهي. ان کان اڳ ٽرانسپورٽ کاتي جو قلمدان اويس قادر شاهه وٽ هو جيڪو هاڻي سنڌ ڪابينا جو حصو ناهي رهيو. وفاق ۾ سيد خورشيد شاهه کي وزارت ملڻ بعد کيس هٽايو ويو هو. پي پي جي پاليسي آهي ته هڪ خاندان کي 2 وزارتون نه ڏنيون وينديون. شرجيل جي نظر ۽ خواهش ورڪس ۽ سروسز کاتي تي آهي، جنهن جو وزير ٽنڊو الله يار مان چونڊيل سيد ضيا عباس شاهه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو