ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اليڪٽرڪ ڪار ٺاهيندڙ ڪمپني جي وفد جي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات ڪئي، صوبائي وزير محنت ۽ سماجي تحفظ سعيد غني پڻ ملاقات ۾ شرڪت ڪئي، وفد پنهنجي تيار ڪيل اليڪٽرڪ گاڏين (EV) ماڊلز، مقامي اسمبلنگ ۽ چارجنگ انفراسٽرڪچر منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، وفد سنڌ حڪومت سان ڀائيواري جي امڪانن تي پڻ بحث ڪيو، ان موقعي تي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ حڪومت ماڻهن کي جديد، ماحول دوست ۽ گهٽ قيمت واري سفري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن، جلد کان جلد اليڪٽرڪ ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ چاهي ٿو ته جيئن شهري بهتر سفري سهولتون حاصل ڪري سگهن، اليڪٽرڪ گاڏيون ايندھن جي بچت ڪنديون ۽ ماحولياتي آلودگي کي به گهٽائينديون، سنڌ حڪومت پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ ٻين شعبن سان لاڳاپيل خانگي شعبي سان جامع منصوبا ٺاهي رهي آهي، اليڪٽرڪ گاڏين جي ٽيڪنالاجي نه رڳو روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪندي پر جدت جا دروازا ۽ صنعتي شعبي ۾ سيڙپڪاري کوليندي سنڌ حڪومت هڪ پائيدار ترقي جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي، ۽ برقي گاڏيون هن طرف هڪ اهم قدم آهن










