شرجيل جي ڪردار ڪشي واري درخواست تي 4 شهري طلب

شرجيل جي ڪردار ڪشي واري درخواست تي 4 شهري طلب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي (NCCIA) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران مير رضا علي قتل ڪيس جي حوالي سان سندس ۽ سندس پٽ خلاف سوشل ميڊيا تي “ڪوڙو ۽ بدنيتي تي ٻڌل مواد” هلائڻ بابت داخل ڪرايل شڪايت تي ڪراچي جي 4 رهواسين کي طلب ڪري ورتو آهي.
اين سي سي آءِ اي جا اهي نوٽيس، جيڪي 10 آگسٽ تي جاري ڪيا ويا، انهن ۾ چيو ويو آهي ته ادارو اليڪٽرانڪ ۽ ڊجيٽل ذريعن وسيلي بدنامي جي الزامن بابت جاچ ڪري رهيو آهي. اها جاچ نقوي لا ايسوسيئيٽس پاران شرجيل انعام ميمڻ، پٽ انعام الحق ميمڻ جي پاران داخل ڪرايل شڪايت جي بنياد تي شروع ڪئي وئي آهي.
نوٽيسن ۾ چيو ويو آهي ته شڪايت جو تعلق ڊجيٽل پليٽ فارمن ذريعي مبينا طور بدنام ڪندڙ ۽ من گهڙت مواد ڦهلائڻ سان آهي، جنهن سبب شڪايت ڪندڙ جي شهرت کي نقصان پهتو ۽ لاڳو ٿيندڙ سائبر ڪرائيم قانونن جون شقون لاڳو ٿيون آهن.
چئني ماڻهن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي 13 آگسٽ تي صبح 11:30 وڳي اين سي سي آءِ اي ڪراچي آفيس ۾ ذاتي طور پيش ٿين.
نوٽيسن موجب، انهن ماڻهن کي پنهنجا اصل شناختي ڪارڊ (CNICs)، پنهنجي دفاع ۾ لاڳاپيل ثبوت ۽ دستاويز گڏ آڻڻ، پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرائڻ ۽ پنهنجا ڊجيٽل ڊوائيسز پڻ جمع ڪرائڻا پوندا.
اين سي سي آءِ اي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن طلب ڪيل ماڻهو هدايتن تي عمل نه ڪندا ته ادارو کين مجاز عدالت آڏو قانوني ڪارروائي شروع ڪرڻ تي مجبور ٿيندو.
هي اڳڀرائي ميمڻ پاران هڪ ڏينهن اڳ پنهنجي وڪيل وسيلي نامعلوم ماڻهن خلاف اين سي سي آءِ اي سان رابطو ڪرڻ کان پوءِ سامهون آئي آهي. ميمڻ الزام لڳايو هو ته انهن ماڻهن کيس ۽ سندس پٽ کي “هراسان” ڪيو ۽ سوشل ميڊيا تي سندن خلاف ڪوڙو ۽ بدنيتي تي ٻڌل مواد تيار ۽ نشر ڪيو.
ميمڻ انهن الزامن کي رد ڪيو آهي ته گلستانِ جوهر ۾ اهو گيسٽ هائوس سندس ملڪيت هو، جتي مير رضا علي کي مبينا طور تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو، ۽ اهو پڻ رد ڪيو ته واقعي کان فوراً پوءِ سندس پٽ لنڊن هليو ويو ۽ ان کان پوءِ لنڊن ۾ باڊي گارڊ سان گڏ گهمندو رهيو.
هن چيو ته انهن الزامن جو “ڪو به حقيقتي ثبوت يا بنياد ناهي” ۽ اهي کيس ۽ سندس پٽ کي “غير لاڳاپيل سياسي مقصدن” لاءِ بدنام ڪرڻ جي ارادي سان لڳايا ويا آهن.
ميمڻ جي وڪيل اين سي سي آءِ اي کان مطالبو ڪيو ته ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي ۽ ذميوار قرار ڏنل ماڻهن خلاف پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائيم ايڪٽ 2016ع (PECA) ۽ ٻين لاڳو ٿيندڙ قانونن تحت ڪارروائي ڪئي وڃي.
آءِ بي اي جو گريجوئيٽ ۽ Wafflix نالي کاڌي پيتي جي ڪاروبار جو مالڪ مير رضا علي 28 جولاءِ تي گم ٿي ويو هو. هڪ ڏينهن کان پوءِ سندس لاش ڪراچي جي گلستانِ جوهر ۾ شاهي قلعي گرائونڊ ڀرسان جهنگ مان مليو، جنهن کي گولي لڳل هئي.
جيتوڻيڪ جاچ ڪندڙن شروعاتي طور خودڪشي جي امڪان تي ڌيان ڏنو هو، پر مير رضا جي خاندان جو موقف رهيو ته کيس اغوا ڪري تشدد جو نشانو بڻائڻ کان پوءِ قتل ڪيو ويو. بعد ۾ پهرين پوسٽ مارٽم بابت تڪرار کان پوءِ ٻيهر پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، جنهن ۾ معلوم ٿيو ته کيس پٺيءَ ۾ گولي لڳي هئي، جنهن سان خودڪشي جو امڪان رد ٿي ويو. قبرڪشائي بعد ڪيل پوسٽ مارٽم ۾ چيو ويو ته مقتول جي پاسيري ڀڳل هئي ۽ سندس پيٽ مان تيزاب جي به تصديق ٿي هئي، هن جو چهرو ۽ هٿ به تيزاب سان سڙيل هئا جيئن سندس سڃاڻپ نه ٿي سگهي.
مير رضا جي خاندان جي وڪيل جبران ناصر ڪيس جي جاچ ڪندڙ ٽيم تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو ۽ اختيارين تي الزام لڳايو هو ته اهي “حقيقتن کي دفن ڪرڻ” جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. پهرين جاچ سان لاڳاپيل هڪ ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او معطل آهن. وڪيل اهو به چيو هو ته مقتول جي والدين کي اي آءِ جي پوليس آفيس گهرائي خود ڪشي جو ڪيس قبول ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو هو. ابتدائي طور قبر ڪشائي بعد ٻيهر پوسٽ مارٽم لاءِ جوڙيل ميڊيڪل بورڊ به بدلايو ويو، جيڪو خاندان جي اعتراص بعد بحال ٿيو.
آچر ڏينهن ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ٽيم مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته ايف آءِ آر ۾ قتل جي شق پڻ شامل ڪئي وئي. هن ڪيس ۾ اهم سوال اهو آهي ته 25 سالن جي نوجوان مير رضا، جنهن جي هلندڙ مهيني شادي به رٿيل هئي، تنهن کي ايتري بيدردي سان قتل ڪيو ويو ۽ پوليس ان کي خود ڪشي قرار ڇو ڏنو؟

پهنجو تبصرو موڪليو