ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ضياءَ محي الدين جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته ضياءَ محي الدين جي لاڏاڻي سان پاڪستان هڪ عظيم فنڪار کان محروم ٿي ويو آهي. فن جي ميدان ۾ ضياءَ محي الدين جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون، سندس لاڏاڻي سان پيدا ٿيل خال جلدي ڀرجي نه سگهندو. سنڌ جي اطلاعات واري وزير دعا ڪئي ته الله پاڪ کيس پنهنجي جوار رحمت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي پونئرن ۽ سندس مداحن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي. آمين










