اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)وزيراعظم عمران خان جي سياسي رابطا بابت خاص مددگار شهباز گل سنڌ هائوس تي حملو ڪندڙ ايم اين ايز ۽ ڪارڪنن کي پوليس ٿاڻي مان آزاد ڪري ڇڏيو. شهباز گل پنهنجي ڪارڪنن ۽ ايم اين ايز کي ٿاڻي کان ٻاهر ڪڍي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ياد رهي ته پوليس سنڌ هائوس تي حملي جي الزام ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ ايم اين ايز کي گرفتار ڪيو هو. شهباز گل چيو ته اسين قانون مطابق ايم اين ايز کي شخصي ضمانت تي ڇڏايو آهي ۽ ڪارڪنن کي ڇڏائڻ لاءِ طريقه ڪار کي فالو ڪنداسين، مون ڪارڪنن کي چيو آهي ته قانون هٿ ۾ نه کڻو. هن چيو ته سياسي دلالي خلاف احتجاج جاري رکيو ويندو.










