شايد سلمان اڪرم چاهي ٿو ته جوابدار جيلن ۾ سڙندا رهن،جسٽس مندوخيل

شايد سلمان اڪرم چاهي ٿو ته جوابدار جيلن ۾ سڙندا رهن،جسٽس مندوخيل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وڪيل احتجاج جي ڪري سپريم ڪورٽ ۾ عام ماڻهن جي فوجي ٽرائل سان لاڳاپيل ڪيس جي ٻڌڻي ۾ شرڪت نه ڪري سگهيا.سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ عام ماڻهن جي فوجي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي ڪئي.اسلام آباد ۾ وڪيلن جي احتجاج سبب فوجي عدالت پاران سزا يافته جوابدارن جا وڪيل سلمان اڪرم راجا ۽ ٻيا وڪيل سپريم ڪورٽ نه پهچي سگهيا.وڪيل رانا وقار عدالت کي ٻڌايو ته سلمان اڪرم راجا ٽريفڪ ۾ ڦاٿل آهي، جنهن تي جسٽس مندوخيل ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن کيس خبر هجي ها ته اڄ رستا بند آهن ته هو وقت تي ٻاهر نڪري ها. شايد اهي چاهين ٿا ته جوابدار جيلن ۾ سڙيندا رهن. جيڪڏهن اهي ڪيس هلائڻ نٿا چاهين ته اهو انهن جو اختيار آهي.جسٽس امين الدين عدالتي عملي کان پڇيو ته ڇا ٻين ڌرين مان ڪنهن وٽ وڪيل آهي؟ جنهن تي ٻڌايو ويو ته ڪنهن به ڌر جي وڪيل سان رابطو نه ٿي سگهيو، ۽ نه ئي ڪو وڪيل وڊيو لنڪ تي موجود هو.بعد ۾ سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ عام ماڻهن جي ڪيسن سان لاڳاپيل ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو