شاهه محمود قريشي ۽ بلاول ۾ جهڙپ، لوٽا لوٽا جا نعرا

شاهه محمود قريشي ۽ بلاول ۾ جهڙپ، لوٽا لوٽا جا نعرا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسمبلي ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ڇڪتاڻ برقرار رهي، شاهه محمود قريشي ۽ بلاول ڀٽو هڪٻئي تي الزام هنيا ۽ تنقيد ڪندا رهيا. شاهه محمود قريشي چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ اپوزيشن کي برداشت نٿي ڪري، اپوزيشن ليڊي کي ڳالهائڻ نٿو ڏنو وڃي، هن چيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شپ اپوزيشن کي نٿي ڏني وڃي، اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ اپوزيشن کي نٿو رکيو وڃي. پيپلزپارٽي وارا ڪهڙي منهن سان جمهوري روايتن جي ڳالهه ڪن ٿا. شاهه محمود قريشي چيو ته هي آئينو ڏيکارين ٿا پر پاڻ آئينو ڏسڻ نٿا چاهين. جنهن جو جواب ڏيندي بلاول ڀٽو زرادري چيو ته سنڌ اسمبلي جو معاملو سنڌ ۾ بحث ٿيندو، سنڌ ۾ اهڙا ڪارٽون آهن جن بجيٽ تي هڪ به ڪٽوتي جي رٿ پيش ناهي ڪئي. هن چيو ته شاهه محمود قريشي ڪشمير جو سودو ڪرڻ وارن ۾ شامل آهي. هي جڏهن پيپلز پارٽي جو وزير خارجه هو ته ان مهل سڄي دنيا ۾ لابنگ پيو ڪري ته يوسف رضا گيلاني کي نه هن کي وزيراعظم ٺاهيو. ان جو جواب ڏيندي شاهه محمود قريشي چيو ته بلاول جڏهن پتڪڙو هو ته ان وقت کان مان هن کي سڃاڻان ٿو، هن جي پيءُ کي به سڄاڻان ٿو، تون ٻارڙو آهين. جنهن تي پيپلز پارٽي وارن لوٽا لوٽا جا نعرا هنيا. قريشي چيو ته گيلاني سرڪاري ووٽن سان سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر بڻايو آهي. هن بلاول کي ٻار قرار ڏيندي چيو ته ٿوري ڳالهه تي پريشان ٿئي ٿو. هن چيو ته کيس ڪا پرچي پڪڙائي ٿي وڃي ۽ هي ٻار آٽو تي اسٽارٽ ٿيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو