ڪمون شهيد(ن سنڌيار) پرڏيهي معاملن جو وفاقي وزير شاهه محمود قريشي ڪمون شهيد پهچي ويو، سنڌ پنجاب بارڊر کان حڪمران جماعت حقوق سنڌ مارچ شروع ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي وزير علي زيدي، حليم عادل شيخ ۽ ارباب غلام الرحيم جي اڳواڻي ۾ شروع ٿيل مارچ ۾ غوثيه جماعت جا ڪيترائي مريد شامل آهن.
مارچ جي روٽ تي سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا آهن، پوليس سان گڏ رينجرز به مقرر آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جي 40 چورن کان سنڌ کي نجات ڏيارينداسين. هنن چيو ته پي پي 15 سالن کان سنڌ ۾ ڦر لٽ ڪري رهي آهي، ميرٽ ختم ڪئي وئي آهي. علي زيدي چيو ته 2023 ۾ سنڌ ۾ حڪومت پي ٽي آءِ جي هوندي.










