شاهه سان ورلڊ بينڪ ڊائريڪٽر جي ملاقات،سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

شاهه سان ورلڊ بينڪ ڊائريڪٽر جي ملاقات،سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر بولورما امگابازار جي اهم ملاقات ڪئي،ملاقات ۾ صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، قائم مقام چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ بلال ميمڻ، قائم مقام سيڪريٽري صحت حافظ عباسي، سيڪريٽري سوشل پروٽيڪشن خادم حسين چنو، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر پي پي ايڇ آءِ جاويد علي جاگيراڻي، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سوشل پروٽيڪشن ارشاد علي سوڍر، چيف فارن ايڊ ساجده اياز ڪاظمي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. ورلڊ بينڪ جي وفد ۾ ليڊ اڪنامسٽ غزالہ منصوري، آپريشنز آفيسرز حنا سليم لوٽيا ۽ مرتضيٰ نوناري، سينئر واٽر سپلاءِ اينڊ سينيٽيشن اسپيشلسٽ محمد فرحان الله سميع ۽ سينئر سوشل پروٽيڪشن اسپيشلسٽ سهيل سعيد عباسي اجلاس ۾ شريڪ هئا.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ورلڊ بينڪ پاران ٻارن ۾ واڌ ويجهه جي کوٽ (اسٽنٽنگ) جي خاتمي لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي تي اتفاق ڪيو ويو. صحت، غذائيت، صاف پاڻي، نڪاسيءَ واري نظام، سماجي تحفظ ۽ زراعت جي شعبن کي هڪ گڏيل فريم ورڪ تحت يڪجا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وڏو وزير هائوس ۾ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ٻارن ۾ اسٽنٽنگ جي خاتمي لاءِ تجويز ڪيل گورننس فريم ورڪ جو جائزو ورتو ويو. ٻارن ۾ واڌ ويجهه جي کوٽ انساني ترقيءَ جي سڀ کان وڏن چئلينجن مان هڪ آهي، ائين سنڌ جي وڏي وزير چيو. وڏي وزير موجب غذائي قلت، غربت، ناقص صفائي، غير محفوظ پاڻي ۽ ناڪافي طبي سهولتون اسٽنٽنگ جا بنيادي سبب آهن. اسٽنٽنگ جي خاتمي لاءِ سمورن لاڳاپيل کاتن کي هڪ مربوط نظام تحت ڪم ڪرڻو پوندو. سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بينڪ صحت، سماجي تحفظ، واش (WASH) ۽ زرعي شعبن جي پروگرامن کي هم آهنگ ڪندا، ائين سيد مراد علي شاهه چيو. سنڌ جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ٻارن جي غذائيت ۽ واڌ ويجهه ۾ ماپڻ جوڳي بهتري لاءِ گڏيل هدف ۽ مربوط مانيٽرنگ سسٽم جوڙيو ويندو. اجلاس ۾ واش پروگرام، صحت ۽ سماجي تحفظ، مامتا ۽ نشونما، ۽ زرعي توڙي غذائي شعبن تي ٻڌل مربوط حڪمت عملي بابت بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ موجب واش پروگرام تحت پيئڻ جي محفوظ پاڻي، صفائي ۽ سيوريج جي نظام کي بهتر بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته “بيبي واش” طريق ڪار کي فروغ ڏئي ماحولياتي عنصرن جي ڪري پيدا ٿيندڙ اسٽنٽنگ ۾ ڪمي آندي ويندي. صحت ۽ سماجي تحفظ جي شعبن ۾ ماءُ ۽ ٻار جي غذائيت، حفاظتي ٽيڪن ۽ خانداني منصوبابندي کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته مامتا ۽ نشونما پروگرامن ذريعي مستحق خاندانن کي مشروط نقد امداد فراهم ڪئي ويندي. زرعي شعبي ۾ غذائيت سان ڀرپور خوراڪ جي فراهمي، فصلن ۾ تنوع ۽ ڪچن گارڊنز جي فروغ تي زور ڏنو ويندو. صوبي سڄي ۾ غذائيت، صفائي ۽ ٻارن جي بهتر نگھداشت لاءِ ورتن ۾ تبديلي آڻڻ واري آگاهي مهم هلائي ويندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ورلڊ بينڪ جي تعاون سان جاري پروگرام سنڌ ۾ اسٽنٽنگ جي خاتمي لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪري رهيا آهن. نيشنل هيلٿ سپورٽ پروگرام سنڌ جي سمورن 29 ضلعن ۾ جاري آهي. سنڌ انٽيگريٽڊ هيلٿ اينڊ پاپوليشن پروگرام 15 ضلعن ۾ فعال آهي. سنڌ سوشل پروٽيڪشن ڊليوري سسٽم کي وڌيڪ ستن ضلعن تائين وسعت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسٽار واش پروگرام سنڌ جي سمورن 22 ڳوٺاڻن ضلعن ۾ مرحليوار لاڳو ڪيو ويندو، جنهن جي پهرين مرحلي ۾ بدين، جيڪب آباد، ڪشمور، ميرپورخاص، شڪارپور، سجاول، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، ٺٽو ۽ عمرڪوٽ شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير ۽ ورلڊ بينڪ پاران هڪ مضبوط گورننس ۽ مانيٽرنگ جو نظام قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ جو وڏو وزير هن منصوبي جي اعليٰ سطحي “پاليسي اينڊ مانيٽرنگ اسٽيئرنگ ڪميٽي” جي سربراهي ڪندو. چيف سيڪريٽري يا چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ جي سربراهي ۾ هڪ “اسٽنٽنگ ڪنورجنس سيڪريٽريٽ” قائم ڪيو ويندو. ضلعي سطح تي ڊپٽي ڪمشنرن جي سربراهي ۾ رابطا ڪميٽيون هن منصوبي تي عملدرآمد جي نگراني ڪنديون. هڪ “اسٽنٽنگ مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم” قائم ڪيو ويندو، جنهن جي تحت سمورن شعبن جو ڊيٽا هڪ ئي ڊيش بورڊ تي دستياب هوندو. هر مهيني ضلعن جي ڪارڪردگي رپورٽ سنڌ جي وڏي وزير، چيف سيڪريٽري ۽ چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ کي پيش ڪئي ويندي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هر اهو ٻار جيڪو واڌ ويجهه جي کوٽ جو شڪار آهي، اهو انساني صلاحيتن جي زيان جي علامت آهي. تعليم، معاشي ترقي ۽ سماجي خوشحالي لاءِ ٻارن ۾ اسٽنٽنگ جو خاتمو لازمي آهي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ٽڙيل پکڙيل قدم نه، پر هڪ مربوط حڪومتي حڪمت عملي ئي ان مسئلي جو اثرائتو حل آهي. صحت، غذائيت، صفائي، غربت ۽ غذائي تحفظ جي مسئلن کي گڏجي حل ڪرڻو پوندو. منصوبي جي اصل ڪاميابي ڳوٺن، محلن ۽ گھرن تائين خدمتن جي اثرائتي فراهمي سان ٿيندي. ڊپٽي ڪمشنرز، صحت کاتو، سماجي تحفظ جا ڪارڪن ۽ بلدياتي ادارا مڪمل هم آهنگي سان ڪم ڪن. مضبوط سياسي عزم، ڀروسي جوڳي ڊيٽا ۽ مربوط قدمن سان سنڌ ۾ اسٽنٽنگ ۾ نمايان ڪمي ممڪن آهي.ورلڊ بينڪ پاران سنڌ ۾ انساني ترقي ۽ ٻارن جي واڌ ويجهه کي بهتر بڻائڻ لاءِ مڪمل سهڪار جو اعادو ڪيو ويو. ورلڊ بينڪ جو چوڻ هو ته مربوط حڪمت عملي سان جوابدهي بهتر ٿيندي ۽ وسيلا وڌيڪ متاثر ٿيل ضلعن تي مرکوز ڪيا ويندا. ترجيحي ضلعن ۾ اسٽنٽنگ جي خاتمي جي حڪمت عملي تي جلد عملدرآمد لاءِ گورننس ۽ مانيٽرنگ نظام کي حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو