روس پاران ڪراچي ۾ اسٽيل ملز جي بحالي جي خاطري

روس پاران ڪراچي ۾ اسٽيل ملز جي بحالي جي خاطري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان روس جي سفير البرٽ خريف ملاقات ڪئي،ملاقات ۾ روس جي قونصل جنرل اينڊري فيڊروف، ٽين سيڪريٽري پاول ايمانوف ۽ مس ايڪٽرينا زيگيچ شرڪت ڪئي، وزيراعليٰ سنڌ جي ترجمان موجب ملاقات ۾ سيڪريٽري عبدالرحيم شيخ شامل هيو،سنڌ جي وڏي وزير چيو ته روسي قونصل جنرل سان سٺي ڪوآرڊينيشن آهي،روس سان لاڳاپا بهتر ۽ مضبوط ٿي رهيا آهن،روس سان صحت، تعليم ۽ ثقافت تي لاڳاپا مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ روس ڪراچي ۾ اسٽيل مل لڳائي هئي، اسٽيل مل جي بحالي چاهيون ٿا، جنهن لاءِ روسي سفارتخانو مدد ڪندو،روسي سفير چيو ته ايندڙ هفتي روس ۽ پاڪستان جا ماهر اسٽيل مل جي بحالي بابت آن لائن ڳالهه ٻولهه ڪندا، آن لائين ڳالهين کانپوءِ روسي وفد اسٽيل مل جو دورو ڪندو،وڏي وزير تجويز ڏيندي چيو ته نئون اسٽيل مل پلانٽ لڳايو وڃي ته بهتر ٿيندو، اسٽيل مل سان معيشت مستحڪم ٿيندي ۽ روزگار ۾ اضافو ٿيندو،اسٽيل مل سنڌ جي عوام لاءِ شهيد ڀٽو جو تحفو آهي، جنهن کي اسان هلائڻ چاهيون ٿا،اسٽيل مل جي ملازمن جو وڏو مسئلو به حل ڪيو ويندو،سنڌ جي وڏي وزير ۽ روس جي سفير ٻطرفي واپار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو،سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان موجب ملاقات ۾ روسي اليڪٽرڪ بسون ڪراچي آڻڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون،سنڌ جي وڏي وزير روسي ڪمپنين سان سفارتي چينلز ذريعي ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو،روسي سفير سفير البرٽ خورف چيو ته روسي حڪومت سنڌ ۾ ثقافتي مرڪز قائم ڪري ثقافتي ورثي کي وڌائڻ چاهي ٿي

پهنجو تبصرو موڪليو