شاهد خاقان خلاف ايل اين جي ريفرنس جو فيصلو محفوظ

شاهد خاقان خلاف ايل اين جي ريفرنس جو فيصلو محفوظ

اسلام آباد)بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي خلاف ايل اين جي ريفرنس ۾ احتساب عدالت جي دائري اختيار بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.احتساب عدالت جو جج محمد بشير 10 جولاءِ تي فيصلو ٻڌائيندو. نيب ايل اين جي ريفرنس اسپيشل جج سينٽرل جي عدالت ۾ منتقل ڪرڻ جو بيان ڏئي ڇڏيو. نيب پراسيڪيوٽر چيو آهي ته نيب ترميمي آرڊيننس کانپوءِ ريفرنس اسپيشل جج سينٽرل اسلام آباد جو دائرو اختيار ايف آءِ اي جو آهي. عدالت شاهد خاقان عباسي جي اڄ جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو