شانگلا ۾ گھر جي ڇت ڪرڻ سبب 6 ٻار فوت

شانگلا ۾ گھر جي ڇت ڪرڻ سبب 6 ٻار فوت

شانگلا: (ويب ڊيسڪ) شانگلا ۾ گھر جي ڇت ڪرڻ سبب 6 ٻار فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ نينگريءَ کي زندهه ڪڍيو ويو آهي. ريسڪيو عملدارن موجب، شانگلا جي تحصيل الپوري جي علائقي رحيم آباد ۾ گذريل رات افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي هڪ گهر جي ڇت ڪري پئي. عملدارن جو چوڻ آهي ته ڇت ڪرڻ سبب ملبي هيٺ 7 ٻار دٻجي ويا هئا، جن مان 6 ٻار فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ نينگريءَ کي صحيح سلامت ٻاهر ڪڍيو ويو. ريسڪيو ٽيمن ۽ مقامي ماڻهن امدادي ڪارروايون ڪندي ملبو هٽايو، ۽ هاڻي امدادي ڪارروايون مڪمل ڪيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو