لاهور(ويب ڊيسڪ)ڪوئٽا گليڊئيٽرز حيدرآباد ڪنگزمين کان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. سعود شڪيل 4 رنز ٺاهي ميروڊٿ جي بال تي حماد اعظم هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد رائلي روسو بنا رن ٺاهن جي ميروڊٿ جي بال تي صائم ايوب هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد شامل حسين ۽ حسن نواز اسڪور اڳتي وڌايو ۽ ٻنهي ففٽيون مڪمل ڪيون. شامل حسين 54 ۽ حسن نواز 53 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا. 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 174 رنز ٺاهيون. خواجا نافع 6 ۽ مڪدرموٽ زيرو تي آئوٽ ٿيا ٻنهي کي مهيش ايل بي ڊبليو ڪيو. ٽام ڪرن 31 رنز ٺاهيون. حيدرآباد جي ٽيم چيز ڪرڻ آئي ته پهرين ئي اوور ۾ صائم ايوب 2 چوڪا هڻي الزاري جوزف جي بال تي ڪيپر هٿان ڪيچ ٿي ويو،معاذ صداقت به زيرو تي ابرار جي بال تي شامل حسين هٿان ڪيچ ٿيو. ڪپتان مارنس لبوشين23 رنز ٺاهي سعود شڪيل جي بال تي شامل هٿان ڪيچ ٿيو.عثمان خان 14 رنز ٺاهي ابرار جي بال تي ڪيپر مقدرموٽ هٿان ڪيچ ٿيو.سعد علي 7 رنز ٺاهي عثمان طارق جي بال تي جوزف هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد عرفان نيازي ۽ حسان خان اسڪور اڳٽي وڌايو پر 31 رنز ٺاهي حسان خان دانيال جي بال تي ڪيپر هٿان ڪيچ ٿيو. حيدرآباد جون 105 جي اسڪور تي 6 وڪيٽون ڪري پيون. عرفان نيازي ڪجهه مزاحمت ڪئي پر وڏي اننگ نه کيڏي سگهيو 33 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. حيدرآباد 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 134 رنز ٺاهي سگهي. ڪوئٽا هي ميچ 40 رنز تان کٽي ورتي. ڪوئٽا هڪ ميچ هارائي آهي ۽ حيدرآباد ٻئي ميچز هارايون آهن.










