شاداب خان جو تنقيد ڪندڙ صارف کي جواب

شاداب خان جو تنقيد ڪندڙ صارف کي جواب

لاهور(ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان ٽوئيٽر تي تنقيد ڪندڙ صارف کي سخت جواب ڏئي ڇڏيو.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ صارف شاداب کي پرڏيهي ليگز ۾ کيڏڻ تي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته توهان پئسن لاءِ پرڏيهي ليگز ۾ کيڏندا آهيو جنهن کانپوءِ توهان زخمي ٿي ويندا آهيو ۽ قومي ٽيم جون ميچون نه وڃائيندا آهيو.شاداب خان ان صارف کي جواب ڏيندي لکيو ته آسٽريليا ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ منهنجي ڪارڪردگي بگ بيش ليگ سبب سٺي هئي.قومي ڪرڪيٽر چيو ته مختلف حالتن ۾ کيڏڻ جو تجربو اوهان کي بهتر بڻائي ٿو، جتي قومي ٽيم لاءِ چونڊيو ويندو آهيان اتي قومي ٽيم لاءِ کيڏندس.”ڪو به ماڻهو مشق ۾ بال سان ماري سگهي ٿو ۽ آڱر جي زخم ڪنهن به وقت ٿي سگهي ٿو،“ شاداب خان جو اهو به چوڻ آهي ته انسان تجربن ۽ نيون جڳهن مان سکندو آهي ۽ سکڻ جو مقصد پاڪستان لاءِ سٺو ڪرڻ هوندو آهي.واضح رهي ته شاداب خان انگلي ۾ زخم سبب نيوزيلينڊ خلاف ون ڊي اسڪواڊ جو حصو نه بڻيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو