سڪيورٽي وارو مامرو، پوليس سان رابطو ڪرڻ جو حڪم

سڪيورٽي وارو مامرو، پوليس سان رابطو ڪرڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي سيڪيورٽي لاءِ پوليس فوڪل پرسن سان رابطو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان جي وڊيو لنڪ ذريعي فول پروف سيڪيورٽي سان عدالتن ۾ پيش ٿيڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.جسٽس عابد عزيز شيخ عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت وڊيو لنڪ تي پيش ٿيڻ لاءِ لاڳاپيل عدالت ۾ درخواست ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.پبلڪ پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي پوليس سڪيورٽي حاصل آهي.عدالت عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان لاءِ مناسب آهي ته سڪيورٽي لاءِ پوليس سان رابطو ڪيو وڃي.لاهور هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن سيڪيورٽي واپس ورتي وڃي ته ٻيهر عدالت ۾ اچو.

پهنجو تبصرو موڪليو