سکر(ويب ڊيسڪ) ملتان کان سکر موٽروي ايم 5 تقريبن چئن مهينن کان مڪمل آهي جڏهن ته نامعلوم سببن ڪري ان کي شهرين جي لاءِ نه ٿو کوليو وڃي ۽ روهڙي پوليس به ان صورتحال کي ڪمائي جو ذريعو ۽ ڌنڌو ٺاهي ڇڏيو آهي. چائنه پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي تحت وفاقي حڪومت جي ان منصوبي تي ڪم ڪرڻ واري چيني ڪمپني جي چيف ڪنسٽرڪشن ايڪسپرٽ ڊنگ زائو هلندڙ سال جون ۾ ٽوئيٽ ڪري منصوبو مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن کان پوءِ ڪمپني جي طرفان ان بهترين شاهراهه کي کولڻ جي لاءِ جولاءِ جي تاريخ ڏني وئي هئي پر نا معلوم سببن جي ڪري منصوبي جي اوپننگ ناهي ٿي سگهي .

ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان جي آمريڪا ياترا بعد سي پيڪ منصوبن تي ڪم سست ٿي ويو آهي جنهن بعد هن ڪجهه وقت اڳ آرمي چيف سان گڏ چين جو دورو ڪيو ۽ واعدن بعد امڪان هو ته شايد جلد افتتاح ٿي ويندو پر ان تي به اڃا پيش رفت نه ٿي آهي. اين ايڇ اي جي هڪ آفيسر موجب انسپيڪشن بعد ڪمپليشن سرٽيفڪيٽ به جاري ٿي چڪو آهي ۽ چيني ڪمپني جي فرمائش هئي ته افتتاح وزيراعظم ڪري ۽ ان لاءِ وڏي تقريب رکو. وچ ۾ مراد سعيد افتتاح ڪرڻ چاهيو پر چيني ڪمپني معذرت ڪئي. هڪ راءِ اها به آهي ته منصوبي جو سنگ بنياد نواز شريف رکيو هو ۽ عمران خان لنوائي پيو ته ان جي منصوبي سان افتتاح تي مٿس تنقيد ٿيندي. آگسٽ ۾ ٻه مختلف تاريخون ڏنيون ويون جنهن کان پوءِ اعلان ڪيل هڪ ٻئي تاريخ 22 سيپٽمبر 2019 تي موٽڙ وي کي هلڪي ٽريفڪ ڪار وغيره جي آمد و رفت جي لاءِ کوليو ويو پر ٻن ڏينهن کان پوءِ ان کي غير اعلان ٿيل سببن جي ڪري بند ڪيو ويو.

هاڻي موٽر وي ايم 5 کي کولڻ جي لاءِ هڪ ٻئي نئين تاريخ 7 نومبر ڏني وئي آهي. ايتري ۾ ڪراچي کان ڊگهي سفر جي لاءِ وڃڻ واري گهڻن شهرين شڪايت ڪئي آهي ته موٽروي ايم 5 جي روهڙي انٽر چئينج تي پوليس موبائيل ۾ سوار اهلڪار في گاڏي500 روپيه نذرانو وٺي انهن کي موٽروي تي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏيندا آهن پر اهڙين گاڏين کي اڳلي انٽر چينج تي سيڪيورٽي اهلڪار وڌيڪ سفر ڪرڻ کان روڪي جي ٽي روڊ تي لاهي ڇڏيندا آهن. ايس ايس پي سکر عرفان سمون رابطو ڪرڻ تي پوليس جي اهڙي ڪنهن بدعنواني کان لا تعلقي ظاهر ڪئي ان جو چوڻ آهي ته پوليس جو ان منصوبي سان ڪو به تعلق نه آهي. سکر کان ملتان نيشنل هاءِ وي جو فاصلو گهٽ ڪرڻ وارو 392 ڪلوميٽر ڊگهي موٽڙ وي ايم 5 تي تقريبن 2.89، ارب رپين جي لاڳت آئي آهي، هي موٽروي ملتان، شجاع آباد، جلال پور پير والا، بهاولپور جي ويجهو اوچ شريف، احمد پور شرقيه، رحيم يارخان، صادق آباد، سنڌ جي بارڊر واري شهرن اوٻاوڙو گھوٽڪي ۽ سکر جي پنو عاقل کان ٿيندي روهڙي جي ويجهو ختم ٿي رهيو آهي.

موٽروي ايم 5 ۽ بهاولپور جي ويجهو درياءِ ستلج جي هڪ وڏي پل سميت گڏيل طور تي 54 پل،12 سروس ايرياز، 10 آرام گاهه ،11 انٽرچئينجز،10 فلائي اوورز ۽ 426 ، انٽرپاسز تعمير ڪيا ويا آهن. نيشنل هاءِ وي جي مقابلي ۾ موٽڙ وي ايم 5 تي ملتان کان سکر جي لاءِ سفر ڪيو ته فاصلو 80 ڪلوميٽر گهٽ آهي. موٽروي تي بغير بيهڻ جي لڳاتار سفر ڪيو ته 6 ڪلاڪن جو سفر گهٽجي ڪري ٽن کان ساڍا ٽي ڪلاڪ ۾ مڪمل ٿئي ٿو. ياد رهي ته چائنه پاڪستان اقتصادي راهداري جي هن اهم منصوبي تي ڪم جو افتتاح اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف 6 مئي 2016 تي ڪيو هو. (بنيادي طور هي خبر جيو نيوز تي هلي پر سنڌيار پاران اين ايڇ اي اهلڪار سان ڳالهائي اضافي رپورٽنگ به شامل ڪئي وئي).










