اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سکر حيدرآباد موٽر وي جي تعمير مڪمل ڪرڻ جي ڊيڊ لائين 2028 مقرر ڪئي آهي. 306 ڪلوميٽرن واري هن روڊ کي 5 سيڪشنز ۾ ورهايو ويو آهي. هر سيڪشن 30 مهينن ۾ مڪمل ٿيندو. سيڪشن 4 ۽ 5 لاءِ اسلامي ترقياتي بئنڪ 475 ملين ڊالر جي قرض جي منظوري 29 سيپٽمبر تي ٿيل بورڊ جي اجلاس ۾ ڏني وئي آهي. اهڙو اظهار نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ اڪنامڪ افيئرز دويزن جي نمائندن مرزا اختيار بيگ جي صدارت هيٺ ٿيل قائمه ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ دوران ڪيو. ڪميٽي چيو ته هن قرض تي 6 سيڪڙو وياج جي شرح گهڻي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته موٽر وي جي تعمير لاءِ جنرل پروڪيورمينٽ نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو آهي ته اوپيڪ فنڊ ۽ سعودي فنڊ فار ڊولپمينٽ سان گڏيل فنانسنگ بابت ڳالهيون جاري آهن. اين ايڇ اي جي عملدارن ٻڌايو ته سيڪشن 3 جي فنانسنگ جي منظوري ڊسمبر 2025ع تائين متوقع آهي، ۽ ايم 6 جي تعميراتي سرگرميون ٺيڪن ڏيڻ بعد ئيشروع ٿينديون. هن موٽر وي تي 15 انٽرچينجز ۽ 10 سروس ايرياز تعمير ٿينديون. چيئرمين ڪميٽي مرزا اختيار بيگ چيو ته هن قرض تي وياج 6 سيڪڙو کان به وڌيڪ ٿي رهيو آهي. ان تي ڪميٽي جي ميمبر جاويد حنيف خان چيو ته ايتري وڏي شرح تي قرض وٺڻ تي اسان کي شديد تحفظات آهن. اِي اٰي ڊي (Economic Affairs Division) جي عملدارن وضاحت ڪندي چيو ته هي قرض اسلامڪ ڊولپمينٽ بئنڪ جي شرطن تحت ورتو ويو آهي، ۽ انهن فنانس ڊويزن سان اهي شرط شيئر ڪيا هئا. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته قرض جي واپسي جي مدو 20 سال آهي، جنهن ۾ 5 سال جو گريس پيرڊ شامل آهي.










