سڀني ضلعن ۾ اولڊ ايج هائوس ٺاهي شهرين کي سهولتون ڏيو،عدالت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن بئنچ سينئر سٽيزن ايڪٽ 2014ع تحت سڄي سنڌ ۾ اولڊ ايج هوم قائم ڪري انهن ۾ صحت سميت سموريون سهولتون مهيا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي ته قانون تي سختي سان عملدرآمد ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. عدالت اهڙو حڪم خميس تي لاڳاپيل قانون تي عمل نه ٿيڻ خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. عدالت سنڌ جي سماجي ڀلائي واري کاتي جي سيڪريٽري ۽ ٻين کي ڪراڙن  شهرين بابت قانون تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عدالت سنڌ سرڪار کي هر ضلعي ۾ اولڊ ايج هومز ۽ انهن جي سهولتن لاءِ گهربل فنڊز مهيا ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ سوشل ويلفيئر ڪائونسل کي پڻ قانون مطابق فعال بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سينيئر سٽيزن ايڪٽ بابت عوام کي آگاهي ڏيڻ لاءِ سيمينار ۽ ورڪشاپ ڪرايا وڃن ۽ ڄاڻايل قانون بابت ميڊيا ذريعي آگاهي به ڏني وڃي. ٻڌڻي جي موقعي تي عدالت سماجي ڀلائي واري کاتي جي سيڪريٽري کان سينيئر سٽيزن ايڪٽ تي عمل نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته 5 سالن جو عرصو گذرڻ باوجود ڄاڻايل قانون تي عمل ڇو نه ڪيو ويو آهي؟ قانون  ته  ٺهن ٿا پر  انهن تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي. عدالت بزرگ شهرين کي طبي سهولتن جي فراهمي بابت حڪومت طريقيڪار پڻ جوڙي ته جيئن بزرگن کي علاج لاءِ تڪليف نه ٿئي. عدالت چيو ته جن بزرگن لاءِ قانون ٺاهيو ويو پر ان قانون بابت ڪنهن  بزرگ کي  ڄاڻ ڇو ناهي؟. درخواست ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪجهه علائقن ۾ اولڊ ايج هومز ٺاهيا ويا آهن پر انهن ۾ بزرگن کي علاج سميت ڪي به سهولتون حاصل ناهن.

پهنجو تبصرو موڪليو