سڀني سان ڀلائي ڪريو، چڱائي جو انتظار نه ڪريو، پوپ

سڀني سان ڀلائي ڪريو، چڱائي جو انتظار نه ڪريو، پوپ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پوري دنيا ۾ ڪرسمس يعني حضرت عيسيٰ جو جنم ڏينهن وڏي عقيدت سان ملهايو پيو وڃي. ڪيٿولڪ عيسائين جي مذهبي پيشوا پوپ فرانسس ويٽيڪن سٽي ۾ دعائيه تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اوهان پنهنجي پاران سڀني سان ڀلائي ڪريو ۽ ان ڳالهه جو انتظار نه ڪريو ته اڳ ۾ ٻيو ڪو چڱائي ڪري ته پوءِ اوهان چڱائي ڪريو. هن چيو ته همت ٻڌو، مايوس نه ٿيو، اعتماد ۽ اميد پيدا ڪريو . حضرت عيسيٰ جي جاءِ پيدائش بيت الحم ۾ به تقريب منعقد ٿي. ٻئي پاسي پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح ۽ ميان نواز شريف جو جنم ڏينهن به پاڪستان ڀر ۾ ملهايو پيو وڃي. نواز شريف اڄ 70 سالن جو ٿي ويو لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ سندس سالگرهه جا ڪيڪ ڪاٽيا ويا. ڪراچي ۾ مزار قائد تي گارڊ جي تبديلي جي تقريب به ٿي. ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول جي دستي ايئرفورس جي دستي کان چارج ورتي. ملڪ جي اهم سرڪاري عمارتن تي قومي جهنڊو لهرايو ويو. ياد رهي ته 23 مارچ تي نيوي، 14 آگسٽ تي ايئرفورس ۽ 25 ڊسمبر تي ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول يعني آرمي جو دستو مزار قائد تي گارڊ جي ڊيوٽي سنڀاليندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو