سپريم ڪورٽ سامهون نامعلوم شخص فائرنگ بعد گرفتار

سپريم ڪورٽ سامهون نامعلوم شخص فائرنگ بعد گرفتار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري شهر جي ريڊ زون ۾ سپريم ڪورٽ سامهون ايف بي آر آفيس وٽ نامعلوم شخص هوائي فائرنگ شروع ڪري ڏني. آس پاس جي اهم عمارتن جي گارڊز کيس پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. گارڊز موجب ان شخص اوچتو فائرنگ شروع ڪئي ۽ 9 گوليون هلايون. جنهن سبب علائقي ۾ خوف ڇائنجي ويو ۽ ايف بي آر وارن در دريون بند ڪري ڇڏيو. سيڪريٽريٽ پوليس ۽ ڳجهن ادارن جا نمائندا گرفتار شخص کان پڇا ڳاڇا ڪري رهيا آهن. جنهن جاءِ تان همراهه گرفتار ٿيو اهو تمام حساس علائقو آهي، پارليمان، اليڪشن ڪميشن ۽ وزيراعظم سيڪريٽريٽ به آس پاس ۾ ساڳئي روڊ تي واقع آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو