سي ٽي ڊي جو آپريشن، گهربل دهشتگرد خالد عرف ڪمانڊر مارجي ويو

سي ٽي ڊي جو آپريشن، گهربل دهشتگرد خالد عرف ڪمانڊر مارجي ويو

پشاور (ويب ڊيسڪ): دهشتگردي ٽوڙ کاتي (سي ٽي ڊي) ڊيرا اسماعيل خان ريجن ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران گهربل خارجي دهشتگرد خالد عرف ڪمانڊر کي مارائي ڇڏيو آهي.سي ٽي ڊي موجب، گهيري ۾ اچڻ تي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي ڪيترن ئي پڪارن جي باوجود خارجي دهشتگرد سي ٽي ڊي ٽيم تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن تي جوابي ڪارروائي دوران هو مارجي ويو. سي ٽي ڊي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد شهيد ڪانسٽيبل محمد علي جي ٽارگيٽ ڪلنگ سميت ڪيترن ئي ٻين ڪيسن ۾ گهربل هو، جڏهن ته سندس تعلق ٽي ٽي پي (TTP) جي ذاڪر ڪوچي ڪاروان گروپ سان هو. اختيارين موجب، مارجي ويل دهشتگرد جي قبضي مان 9 ايم ايم پستول، هينڊ گرينيڊ (هٿ بم) ۽ هڪ سمارٽ فون برآمد ڪيا ويا آهن، ۽ برآمد ٿيل سامان فارنزڪ جاچ لاءِ تحويل ۾ ورتو ويو آهي. ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته دهشتگردن، سهولتڪارن ۽ سندن مددگار نيٽ ورڪن خلاف انٽيليجنس تي ٻڌل ڪارروايون بنا ڪنهن روڪاوٽ جي جاري رهنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو