ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ شهري تي سيڪيورٽي گارڊ ڦر جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.پوليس موجب، هي واقعو ڪراچي جي علائقي ڊفينس خيابان محافظ ۾ پيش آيو، جتي هڪ شهري کي ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي، پر سيڪيورٽي گارڊ بهادري جو مظاهرو ڪندي ان کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.پوليس موجب، شهري بينڪ مان 500,000 رپيا ڪڍڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ چار ڌاڙيلن کيس ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي. بنگلي جو دروازو کليل ڏسي شهري بنگلي ۾ داخل ٿي ويو.پوليس وڌيڪ چيو ته ڌاڙيل به بنگلي ۾ داخل ٿيا، جنهن دوران سيڪيورٽي گارڊ فائرنگ ڪئي، جنهن سبب ڌاڙيل شهري کان پئسا ڦرڻ کانسواءِ فرار ٿي ويا.










