ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي علائقي هوشاب ۾ سڪيورٽي فورسز سان مقابلي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل اي جو اڳواڻ عاصمي عرف وفا مارجي ويو. هوشاب ۾ ٻه ڏينهن اڳ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا هئا.ذريعن موجب عاصمي معصوم شهرين ۽ سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ ملوث هو.ٻئي طرف ايف سي ڪيمپ مسلم باغ ۾ شهيد ٿيل 3 جوانن جي جنازي نماز ڪوئيٽا گارڊن ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ۽ ٻين اهلڪارن شرڪت ڪئي. ايف سي ڪيمپ تي حملي کي ناڪام بڻائيندي ۽ ڪليئرنس آپريشن ۾ 6 جوان ۽ هڪ شهري شهيد ٿي ويو.










