ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سيڪيورٽي خدشن جي ڪري شهر جا مختلف رستا ٽريفڪ لاءِ بند آهن.ٽريفڪ پوليس موجب، ايم ٽي خان روڊ اڃا تائين ٽريفڪ لاءِ بند آهي، جتي روڊ تي رڪاوٽون لڳائي پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي.ٽريفڪ پوليس چيو ته پي آءِ ڊي سي پل تي ڪنٽينر رکيا ويا آهن ۽ جناح پل ۽ مائي ڪولاچي ڏانهن ويندڙ روڊ، ۽ جناح پل کي به رڪاوٽون لڳائي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.ٽريفڪ پوليس موجب، بوٽ بيسن کان مائي ڪولاچي تائين روڊ پڻ ٽريفڪ لاءِ بند آهي، بند رستن جي رهواسين کي سندن سڃاڻپ دستاويز ڏيکارڻ کان پوءِ ٻاهر نڪرڻ جي اجازت ڏني پئي وڃي.










