سيڪيورٽي خدشا، اورنج لائين ۽ لاهور ميٽرو جا روٽ محدود

سيڪيورٽي خدشا، اورنج لائين ۽ لاهور ميٽرو جا روٽ محدود

لاهور(ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي خدشن جي ڪري اورنج لائن ٽرين ۽ لاهور ميٽرو جو روٽ محدود ڪيو ويو آهي.پنجاب ٽرانسپورٽ کاتي جي ترجمان موجب، لاهور ميٽرو بس سروس هاڻي صرف گجومتا کان ايم اي او ڪاليج تائين هلائي پئي وڃي ۽ ميٽرو بس سروس ايم اي او ڪاليج کان شاهدره تائين بند ڪئي وئي آهي.ترجمان موجب، اورنج لائن ٽرين جو بينڊ روڊ اسٽيشن ۽ ملتان روڊ اسٽيشن پڻ مڪمل طور تي بند ڪيو ويو آهي.ٽرانسپورٽ کاتي جي ترجمان موجب، سيڪيورٽي خدشن جي ڪري ميٽرو بس سروس ۽ اورنج لائن ٽرين کي جزوي طور تي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو