سيڪورٽي صورتحال بهتر ٿيڻ تائين پاڪ افغان واپار معطل رهندو

سيڪورٽي صورتحال بهتر ٿيڻ تائين پاڪ افغان واپار معطل رهندو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)پرڏيهي کاتي جي نئين مقرر ٿيل ترجمان طاهر حسين اندرابي جمعي ڏينهن چيو ته افغانستان سان ٽرانزٽ واپار موجوده سيڪيورٽي صورتحال جي جائزي تائين غيرمعينه عرصي لاءِ معطل رهندو. پنهنجي پهرين هفتيوار پريس بريفنگ دوران هن چيو: “افغان ٽرانزٽ ٽريڊ في الحال بند آهي ۽ سيڪيورٽي صورتحال جي جائزي تائين بند رهندو.” ترجمان ٻڌايو ته سرحد جي افغان پاسي کان واپاري رستن تي لڳاتار حملا ٿي رهيا آهن جن ۾ پاڪستاني شهري مارجي رهياآهن، ۽ پاڪستاني شهرين جون حياتيون ڪنهن به واپار کان وڌيڪ اهم آهن. اندرابي وڌيڪ چيو ته افغان سرزمين کي پاڪستان ۾ دهشتگردي کي هٿي ڏيڻ يا اسپانسر ڪرڻ لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته “چند سال اڳ جڏهن طالبان افغانستان تي قابض ٿيا، تڏهن يقيناً اميد پيدا ٿي هئي، پر جڏهن پاڪستان تي تحريڪ طالبان پاڪستان (TTP) ۽ ٻين هٿياربند گروپن پاران افغان سرزمين تان حملا شروع ٿيا، تڏهن صورتحال مڪمل طور تبديل ٿي وئي.” 11 آڪٽوبر کان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سرحدي گذرگاهون بند پيل آهن، جڏهن ته ٻنهي پاسي سرحدن تي سخت لڙائي ٿي ۽ پاڪستاني فضائي حملا به ڪيا. جن ۾ ٻنهي ملڪن جا درجنين ماڻهو مارجي ويا. اهو 2021 ۾ طالبان جي ڪابل تي قبضو ڪرڻ کانپوءِ سڀ کان وڏو ٽڪراءُ هو. گذريل هفتي قطر ۽ ترڪي جي ميزباني هيٺ ٿيندڙ ڳالهين ۾ جنگبندي تي اتفاق ڪيو ويو، جيڪا في الحال برقرار آهي، پر واپار اڃا بند پيل آهي. ايندڙ ڳالهيون 25 آڪٽوبر تي استنبول ۾ طئي ٿيل آهن. سرحد جي ٻنهي پاسي سوين گاڏيون قطار ۾ بيٺل آهن ۽ هڪ اطلاع موجب 5 هزار جي لڳ ڀڳ پاڪستاني شهري افغانستان ۾ ڦاٿل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو