ڪراچي(پ ر ) ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضي وھاب ۽ سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد جي هدايتن تي عملدرآمد ڪندي واٽر ڪارپوريشن جي اختيارين شهر جي مختلف علائقن ۾ سيوريج جي ڪيترن ئي شڪايتن جو خاتمو ڪري ڇڏيو، ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب واٽر ڪارپوريشن اختيارين ملير، لانڍي، گلستان جوهر، لياري، ناظم آباد، ماڊل ڪالوني، ماڊل زون، شاھ فيصل، لياقت آباد، جمشيد ٽائون، گڏاپ، سرجاني ۽ منگهو پير سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ کليل مين هولز تي رنگ سليب، ڪور ۽ مختلف لائينن جي ونچنگ ڪري سيوريج جي اوور فلو کي ختم ڪري ڇڏيو، ان کان علاوه تازو برساتن سبب شهر جي مختلف علائقن ۾ سيوريج جون مين لائينون ڌٻجي ويون آهن ان حوالي سان چيف سيوريج انجنيئر آفتاب عالم چانڊيو ٻڌايو تہ ڊي 12 بلاڪ آئي نارٿ ناظم آباد ٽائون ۾ 24 انچ، سخي حسن نارٿ ناظم آباد 24 انچ، ناظم آباد انڊر پاس 36 انچ، لياقت آباد ٽائون 48 انچ، گلستان جوهر بلاڪ 14 ۾ 15 انچ ۽ گلستان جوهر بلاڪ 19 ۾ 36 انچن جي لائينون ڌٻجي ويون آھن جن جي مرمت جو ڪم سڀاڻي کان شروع ڪيو ويندو، هن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ ميئر ڪراچي ۽ سي اي او واٽر ڪارپوريشن جي خاص هدايتن تي ڌٻجي ويل سيوريج لائينن جي مرمت جو ڪم هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪيو ويندو تہ جيئن شهرين کي ڪنهن پريشاني کي منهن ڏيڻو نہ پوي










