سينيٽ 27 هين آئيني ترميم جو بل ٻيهر منظور ڪري ڇڏيو

سينيٽ 27 هين آئيني ترميم جو بل ٻيهر منظور ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) قومي اسمبلي مان ڪيل اضافي ترميمن بعد حڪومت ٻيهر سينيٽ مان 27 هين آئيني ترميمي بل 64 ووٽن جي حمايت سان پاس ڪرائي ورتو. استعيفا جو اعلان ڪندڙ سينيٽر سيف الله ابڙو ۽ جي يو آءِ جي احمد خان به بل جي حمايت ۾ ووٽ ڏنا. پي ٽي آءِ احتجاج ڪندي رهي پر ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. هڪ موقعي تي هنن عدليا جي تباهي نامنظور جا نعرا هنيا ته چيئرمين سينيٽ کين نعريبازي کان روڪي ڇڏيو. بل جي مخالفت ۾ جي يو آءِ جي ميمبرن ووٽ ڏنو. ان کان اڳ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ خميس 13 نومبر تي 27 هين آئيني ترميم جو بل ٻيهر سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته چيف جسٽس بابت ڪجهه مونجهارا ختم ڪرڻ لاءِ سينيٽ مان پاس ڪيل بل ۾ قومي اسمبلي 8 شقن ۾ معمولي ترميمون ڪيون هيون. جنهن بعد ٻيهر سينيٽ مان منظوري لازمي آهي. حڪومت هي بل 8 نومبر تي ڪابينا کان منظوري جي ڪجهه ڪلاڪن بعد سينيٽ ۾ پيش ڪيو هو. ڪابينا جي اجلاس جي وزيراعظم باڪو مان ويڊيو لنڪ تي صدارت ڪئي هئي. سينيٽ هي بل 10 نومبر تي پاس ڪيو هو، جنهن بعد قومي اسمبلي ۾ حڪومت پيش ڪيو هو. جتي نواز شريف، وزيراعظم شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو به موجود هئا. پي ٽي آءِ وارن سخت احتجاج بعد واڪ آئوٽ ڪيو هو ۽ بل تي ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو هو. ان جي باوجود حڪومت 12 نومبر تي 234 ميمبرن جي ووٽن سان بل منظور ڪيو هو. آئيني ترميم لاءِ 436 ميمبرن واري هن ايوان ۾ 224 ميمبرن جا ووٽ گهربل هئا. جڏهن ته جي يو آءِ جي ايوان ۾ موجود 4 ميمبرن مخالفت ۾ ووٽ ڏنو هو. جي يو آءِ جا قومي اسمبلي ۾10 ميمبر آهن پر ٻيا موجود نه هئا. مولانا فضل الرحمان ۽ سندس ساٿي بنگلاديش جي دوري تي آهن. سينيٽ جي اڄوڪي ايجنڊا موجب حڪومت اڄ ئي اهو بل سينيٽ مان منظور ڪرائن چاهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو