اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر يوسف رضا گيلاني جي نااهلي واري ريفرنس کي رد ڪري ڇڏيو.صادق سنجراڻي سينيٽر يوسف رضا گيلاني جي نااهلي واري ريفرنس تي فيصلو ٻڌائيندي مٿس لڳايل الزامن کي رد ڪندي چيو ته مٿس لڳايل الزام قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ وزير اعظم جي حيثيت ۾ آهن.چيئرمين سينيٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته يوسف رضا گيلاني خلاف ريفرنس تي آرٽيڪل 63 اي لاڳو نٿو ٿئي.










