سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ڪرائڻ جي منظوري

سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ڪرائڻ جي منظوري

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وفاقي ڪابينه سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ  ذريعي ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.وفاقي ڪابينه  مان سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ جي منظوري سرڪلر سمري جي ذريعي ورتي وئي. ذريعن موجب حڪومت سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ بابت آرڊيننس تيار ڪري ورتو آهي ۽ سينيٽ چونڊن بابت آرڊيننس جو مسودو وزيراعظم ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي.نئين آرڊيننس جي  ڊرافٽنگ اٽارني جنرل خالد محمود خان ڪئي آهي ۽ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سينيٽ چونڊن جو شيڊول 11 فيبروري تي جاري ٿيندو. ياد رهي ته سينيٽ چونڊن جو ڪيس اڃان به سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو