نوشھرو فيروز (رپورٽ منظورملڪ) صوبائي وزيرسعيد غني چيو آهي ته سينيٽ چونڊن کان اڳ عمران نيازي حڪومت کي گھر وڃڻو پوندو سنڌ ۾ ڪورونا جي بيماري سبب اڃا اسڪول کولڻ جو ٽائيم طئي ناھي ڪيواستاد جي ڀرتين جو طريقيڪار آسان ڪيوويندو ۽ تعليم ڊگري مطابق ڀرتيون ٿينديون. صوبائي وزيرسعيد غني جون نيشنل پريس ڪلب مورو ۾صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو. پيپلز ڊاڪٽرس فورم سنڌ جي اڳواڻ ڊاڪٽر ڊاڪٽر سيد عاشق حسين شاھ پاران مورو۾ شھيد بينظير جي ورسي جي حوالي سان ڏنل دعوت ۾ صوبائي وزير تعليم سعيد غني شرڪت ڪرڻ کان پوء نيشنل پريس ڪلب مورو جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سينيٽ جي چونڊن کان اڳ عمران حڪومت گھر ڀيڙو ٿي ويندي پي،ڊي، ايم تحريڪ ڪاميابي جي ويجھو پھچي چڪي آھي ھڪ سوال جي جواب ۾هن چيو ته سنڌ سميت ملڪ ۾ ڪورونا جي شدت ۾ اڃا گھٽتائي ناھي اچي سگھي ان ڪري اسڪول کولڻ جو ٽائيم نٿا ٻڌائي سگھون هن وڌيڪ چيو ته 27 ڊسمبر محترمه شھيد بينظير ڀٽو جي ورسي وارو جلسو عمران حڪومت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو. ھن وڌيڪ چيو استادن جون ڀرتيون ميرٽ تي ڪيون وينديون ان لاء آسان تريقيار جوڙيو ويندو ۽ سکر آئ،بي ،اي کان استادن جي ڀرتين جي ٽيسٽ ڪرائي ويندي ھن پ،پ ڪارڪنن تي زور ڀريوته وڌ کان شھيد راڻي جي ورسي ۾ شامل ٿي محترمه شھيد بينظير کي خراج عقيدت پيش ڪن ان موقعي تي پيپلز ڊاڪٽرس فورم سنڌ جو صدر ڊاڪٽر ڪريم خواجه ڊاڪٽر ايوب بلوچ،ڊاڪٽر محمد بخش شاھاڻي،ڊاڪٽر سنيت ڪمار،ڊاڪٽر يار علي جمالي،ڊاڪٽر عاشق شاھ،سيد منٺار حسين شاھ،سيد رضا شاھ،سيد وزير شاھ،ڊاڪٽر ستار ٻلال،سيد ولي محمد شاھ سيد دين محمد شاھ،سيد شمس الدين شاھ ،پروفيسر محمد سليمان سيال، صحافي علي شير ڏيپر، صحافي راؤ تيمور احمد راجپوت،فرحان راجپوت ۽ ٻيا موجود ھئا










