اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي.اليڪشن ڪميشن موجب سينيٽ جون چونڊون 2 اپريل تي ٿينديون، جنهن لاءِ نامزدگي ڪاغذ 15 کان 16 مارچ تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿا، نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 19 مارچ تي ٿيندي.اليڪشن ڪميشن موجب اليڪشن ٽربيونل 25 مارچ تائين اپيلون اڪلائيندو ۽ 26 مارچ تي اميدوارن جي لسٽ جو اعلان ڪيو ويندو، جڏهن ته نامزدگي ڪاغذ 27 مارچ تائين واپس وٺي سگهجن ٿا.اليڪشن ڪميشن موجب سينيٽ چونڊن لاءِ پولنگ صبح 9 وڳي کان شام 4 وڳي تائين ٿيندي.










