سينئر جرنيلن جي برطرفي بعد چيني فوج ۾ بغاوت جا افواهه

سينئر جرنيلن جي برطرفي بعد چيني فوج ۾ بغاوت جا افواهه

بيجنگ(ويب ڊيسڪ)پيپلز لبريشن آرمي (پي ايل اي) جي سينيئر قيادت اندروني طور ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي وئي آهي۔
گذريل هفتي جي آخر ۾ چين جي سڀ کان اعليٰ جنرل ژانگ يوشيا ۽ هڪ ٻئي سينيئر فوجي آفيسر جنرل ليو زينلي کي سندن عهدن تان هٽايو ويو، جنهن کان پوءِ اهو سوال پيدا ٿي ويو آهي ته ملڪ جي اشرافيه ۾ طاقت جي ڇڪتاڻ ڇو شروع ٿي وئي آهي۔ ان سان گڏ اهو به سوال اڀري رهيو آهي ته ان جو چين جي جنگي صلاحيت تي ڪهڙو اثر پوندو؟
75 ورهين جو ژانگ، چيني سينٽرل ملٽري ڪميشن (سي ايم سي) جو وائيس چيئرمين هو۔ چين جو صدر شي جن پنگ سي ايم سي جو سربراهه آهي، ۽ هي ادارو ملڪ جي هٿياربند فوجن تي ڪنٽرول رکي ٿو۔
سي ايم سي عام طور تي ستن ميمبرن تي ٻڌل هوندي آهي، پر هن وقت رڳو ٻه ماڻهو ان جا ميمبر آهن: چين جو صدر شي جن پنگ ۽ جنرل ژانگ شينگمين۔ ان کان سواءِ باقي سڀني ميمبرن کي ’اينٽي ڪرپشن‘ ڪريڪ ڊائون کان پوءِ هٽايو ويو آهي۔
سي ايم سي لکين فوجي اهلڪارن تي ڪنٽرول رکڻ جي ذميوار آهي۔ هي ادارو ايترو طاقتور آهي جو ان جو چيئرمين هجڻ ئي اهو واحد عهدو هو، جنهن تي چين جو مطلق العنان حڪمران ڊينگ شياو پنگ ويٺو رهيو۔
ايشيا سوسائٽي پاليسي انسٽيٽيوٽ جي لائل مورس جو چوڻ آهي ته:
“سي ايم سي ۾ رڳو شي ۽ هڪ جنرل جو باقي رهڻ اهڙي صورتحال آهي، جنهن جو ڪو مثال نٿو ملي۔”
هن بي بي سي کي ٻڌايو ته: “پي ايل اي افراتفري جو شڪار آهي ۽ چين جي فوج ۾ هاڻي قيادت جو واضح خال موجود آهي۔”
پر ايترا سينيئر جنرل ڇو هٽايا ويا؟ هن سوال جي جواب ۾ لائل مورس چيو ته: “هن حوالي سان مختلف افواهون گردش ڪري رهيون آهن، پر اڃا تائين اسان کي خبر ناهي ته ڪهڙو سچ آهي ۽ ڪهڙو ڪوڙ۔ پر ايترو ضرور آهي ته هي صورتحال شي جن پنگ، سندس قيادت ۽ پيپلز لبريشن آرمي لاءِ سٺي ناهي۔”
نيشنل يونيورسٽي آف سنگاپور جي ايسوسيئيٽ پروفيسر چونگ جا لين به چيو آهي ته کين به ان جي اصل سبب جي خبر ناهي، پر ان حوالي سان ڪيترين ئي قياس آرائين جنم ورتو آهي۔
هو چون ٿا ته: “آمريڪا کي ايٽمي راز ڏيڻ کان وٺي بغاوت جي سازش تائين، ايتري قدر جو بيجنگ ۾ هٿياربند جهڙپن جون به افواهون آهن۔”
“پر انهن سڀني قياس آرائين جي باوجود ٻه ڳالهيون واضح آهن: پهرين ته شي جن پنگ کي چئلينج نٿو ڪري سگهجي، ۽ ٻي اها ته بيجنگ ۾ معلومات تائين رسائي جون سخت حدون آهن، جيڪي غيريقيني صورتحال ۽ افواهن کي جنم ڏين ٿيون۔”
سرڪاري اعلان موجب ژانگ ۽ ليو خلاف ’جاچ‘ هلي رهي هئي ۽ انهن تي ’نظم و ضبط ۽ قانون جي سنگين ڀڃڪڙين‘ جا الزام لڳايا ويا هئا، جيڪي ڪرپشن جي دائري ۾ اچن ٿا۔
ان کان پوءِ پي ايل اي ڊيلي پنهنجي اداريي ۾ واضح ڪيو ته هي قدم ڪميونسٽ پارٽي جي ڪرپشن خلاف ’زيرو ٽالرنس‘ پاليسي جو عڪاس آهي۔ ممڪن آهي ته ژانگ يوشيا ۽ ليو زينلي کي جيل موڪليو وڃي۔
انهن سڀني جرنيلن خلاف لڳايل الزامن جو تفصيل عوام سامهون نه آندو ويو آهي ۽ نه ئي شايد ڪڏهن آندو ويندو، پر انهن جا نالا جاچ هيٺ هجڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ کين رياستي حراست ۾ رکيو ويندو۔
پي ايل اي ڊيلي جي اداريي ۾ اڳ ئي ژانگ ۽ ليو کي ڏوهاري قرار ڏيندي چيو ويو هو ته انهن “ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي اعتماد ۽ اميدن سان غداري ڪئي” ۽ “سينٽرل ملٽري ڪميشن کي ڪمزور ڪيو۔”
ممڪن آهي ته انهن جرنيلن کي ڪرپشن سبب نشانو بڻايو ويو هجي، پر اهو به ٿي سگهي ٿو ته هي سڀ چين ۾ طاقت جي سياست جو نتيجو هجي۔
جڏهن شي جن پنگ اقتدار ۾ آيو ته چين واقعي ڪرپشن جي مسئلي کي منهن ڏئي رهيو هو، پر مٿس اهو الزام به لڳايو ويندو آهي ته هن انسدادِ بدعنواني مهم کي پنهنجن سياسي مخالفن خلاف به استعمال ڪيو۔
ان مهم جي نتيجي ۾ شي جن پنگ کي اهڙو ڪنٽرول حاصل ٿيو، جيڪو چيئرمين مائو کان پوءِ ڪنهن وٽ به نه هو۔ پر اهڙي قيادت جا نتيجا خطرناڪ به ٿي سگهن ٿا، مثال طور فوج اندر شڪ ۽ بي اعتمادي جو ماحول پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ فيصلا سازي جو عمل به متاثر ٿي سگهي ٿو۔
ژانگ جو والد، شي جن پنگ جي والد جو انقلابي ساٿي هو۔ جنرل ژانگ کي شي جن پنگ جو ويجهو اتحادي سمجهيو ويندو هو، پر تازين پيش رفتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪو به محفوظ ناهي۔
ان کان علاوه، ژانگ انهن ٿورڙن پي ايل اي آفيسرن مان هو، جن وٽ عملي جنگي تجربو موجود هو۔
لائل مورس موجب جنرل ژانگ جي برطرفي شي جن پنگ لاءِ ڊگهي مدي وارا مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿي۔ هو چون ٿا: “شي شايد پنهنجي طاقت ڏيکارڻ چاهين ٿا، پر هي هُلچل ٽڪراءَ جي علامت آهي۔”
“هي يقيني طور شي لاءِ نقصانڪار آهي، ۽ ايندڙ سالن ۾ ان جو اثر پي ايل اي ۽ ان جي قيادت تي پوندو۔” سينيئر ترين جرنيلن جي برطرفي کان پوءِ اهو سوال به اڀري ٿو ته هاڻي انهن عهدن تي ڪير مقرر ٿيندو؟
پنهنجن اڳوڻن جي انجام کي ڏسندي، نوان آفيسر شايد اهڙي خطرناڪ زون ۾ ترقي کي خوشي سان قبول نه ڪن، جتي هو ڪنهن به وقت شي جي اينٽي ڪرپشن مهم جو نشانو بڻجي سگهن ٿا۔
اهي سڀ واقعا اهڙي وقت ۾ پيش آيا آهن، جڏهن بيجنگ تائيوان تي دٻاءُ وڌائي رهيو آهي ۽ ان خودمختيار ٻيٽ تي قبضي جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي۔
تجزيه نگار غور ڪري رهيا آهن ته انهن برطرفين سان ان امڪان تي ڪيترو اثر پوندو۔ ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته ان قدم جو بيجنگ جي ارادن تي گهڻو اثر نه پوندو۔
چونگ جو چوڻ آهي ته انهن برطرفين جو چين جي تائيوان تي قبضي جي ارادن تي ڪو خاص اثر نه پوندو، البته ان جو اثر ڪميونسٽ پارٽي ۽ خاص طور تي شي جن پنگ تي ضرور پوندو۔
چونگ موجب، اهي برطرفيون آپريشنل فيصلا آهن، پر تائيوان بابت سڀ اهم فيصلا آخرڪار شي جن پنگ جي ترجيحن موجب ئي ٿيندا۔
(نوٽ هي اسٽوري بي بي سي اردو تي شايع ٿي جيڪا سندن ٿورن سان اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا. ادارو)

پهنجو تبصرو موڪليو