سياسي ۽ عسڪري قيادت جي ڪوششن سان جنگبندي ممڪن ٿي

سياسي ۽ عسڪري قيادت جي ڪوششن سان جنگبندي ممڪن ٿي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف چيو آهي ته پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت جي ڪوششن سان وچ اوڀر ۾ جنگبندي ممڪن ٿي.پي اي ايف اڪيڊمي رسالپور ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي ايڊمرل نويد اشرف چيو ته پاڪ فضائيه جديد ٽيڪنالاجي سان ليس مضبوط فورس آهي، گذريل سال مئي ۾ پاڪستان ايئرفورس پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. هن چيو ته پاڪ فضائيه سائبر ۽ اليڪٽرانڪ وار فيئر ۾ به پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو.نيول چيف چيو ته پاڪ بحريه جو ملڪ جي بحري سرحدن جي دفاع ۾ اهم ڪردار آهي، معرڪه حق ۾ پاڪ بحريه ڀارتي بحريه کي جارحيت کان باز رکيو، پاڪستان ڪنهن به جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهي.هن چيو ته ايران آمريڪا تڪرار ۽ آبنائي هرمز جي بندش سبب عالمي سطح تي تيل جي سپلائي متاثر ٿي پر پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت جي ڪوششن سبب وچ اوڀر ۾ جنگبندي ممڪن ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو