لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته موجوده بحران ان وقت پيدا ٿيو جڏهن سپريم ڪورٽ حمزه شهباز جي حڪومت ۾ 25 ميمبر پي ٽي اءِ جي جهول ۾ اڇلايا ۽ آئين کي ’ري رائيٽ‘ ڪيو، جيڪو آئين ۽ قانون تي بد نما داغ آهي ۽ ان سان ئي بحران شروع ٿيو. لاهور ۾ مسلم ليگ (ن) جي وڪيل ونگ جي عهديدارن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته مان پنهنجي تقريرن ۾ چوندي رهي آهيان ته هن ملڪ ۾ انصاف جي تارازي جا ٻئي پلڙا برابر نه آهن، پهرين ترازو ۾ توازن رکو، پوءِ چونڊون ڪرايون، اسان ڊڄڻ وارا ناهيون. ڇو ته اسين سليڪٽ ٿي نه پر اليڪٽ ٿي ايندا آهيون. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي سموري سياست جو دارومدار رڳو ان ڳالهه تي آهي ته ڪهڙي عهدي تي ڪنهن جي ۽ ڪڏهن مقرري ٿئي ٿي. ڪالهه لاهور ۾ جلسي دوران شيخ رشيد جي واتان اها ڳالهه نڪري وئي ته حڪمران چونڊون آڪٽوبر ۾ چاهين ٿا ڇو ته سپريم ڪورٽ جو موجوده چيف جسٽس هليو ويندو ۽ نئون چيصف جسٽس اچي ويندو. مريم چيو تڏهن مون محسوس ڪيو ته هنن جي سموري سياست مقررين جي چوڌاري گهمي رهي آهي، اڳي هنن وٽ اسٽيبلشمينٽ جا ڪردار هئا، جيڪي هاڻي هليا ويا آهن، هاڻي هنن کي عدالتي اسٽيبلشمينٽ ملي آهي، جنهن تي هو ڀاڙي ويٺا آهن. هن چيو ته نواز شريف جو دنيا ۾ واحد ڪيس آهي، جنهن اقامي جي مدت ختم ٿيڻ ۽ پٽ جي ڪمپني مان پگهار نه وٺڻ تي کيس سزا ڏني وئي. هن وڌيڪ چيو ته تازو جنرل باجوه چيو هو ته اهڙا فيصلا زالن ۽ ٻارن جي دٻاءَ تي ڪيا ويند هئا. ان جو ثبوت پوري قوم ڏسي چڪي آهي ته جڏهن پاناما بينچ جو فيصلو اچڻو هو ته ان ڏينهن جسٽس کوسا هجي، جسٽس ثاقب نثار هجي يا پاناما بينچ جا ٻيا جج، انهن جا ٻار ۽ زالون عدالت ۾ موجود هيون ۽ هو فيصلي کان آگاهه هئا. هن چيو ته عمران خان عدالت نٿو وڃي، عدالتون سندس انتظار ٿيون ڪن ۽ هول سيل جي حساب سان ضمانتون ملن ٿيو. جيتوڻيڪ هي سپريم ڪورٽ جو سرٽيفائيڊ آئين ٽوڙيندڙ آهي پر هنکي سزا نه ملي.










