سياستدان هجن يا ادارا، ڌرين کي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن،شاهه

سياستدان هجن يا ادارا، ڌرين کي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن،شاهه

سکر (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته ملڪ کي بچائڻ لاءِ ڳالهين جي ميز تي اچڻ گهرجي، سياستدان هجن يا ادارا، ٻئي عوام جا خادم آهن. اهڙو اظهار هن آمدن کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ حاضري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت پنهنجي ماڻهن کي اين آر او ڏئي ڇڏيو آهي، اپوزيشن مان ڪنهن به حڪومت کان اين آر او نه گهريو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ جون حالتون انتھائي خراب ٿي چڪيون آھن ،عمران خان حڪومت سياسي انتقام وٺي رھي آھي ، عمران خان کي سياسي انتقام وٺڻ بدران ملڪ جي معيشت تي توجو ڏيڻ گهرجي، خورشيد شاهه چيو ته سنڌ جي تقسيم ايم ڪيو ايم جي سوچ نه پر عمران خان جي سوچ بڻجي وئي آھي خورشيد شاهه چيو ته ملڪ جو حقيقي وارث عوام آھي ، سياستدان ھجي يا ادارا ٻھي عوام جا خادم آھن، عمران خان وٽ مثبت ڪو به بيان ناھي حڪومت ھلائڻ عمران خان جي وس جي ڳالهه ناهي ملڪ جو سربراھ ڪنھن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي،ائين لڳي رھيو آھي ته ھن حڪومت جو معشيت سان ڪو واسطو ناھي. عمران خان وٽ ڪوبه هاڪاري بيانيو نه آهي، ائين پيو لڳي ڄڻ حڪومت جو ملڪي معيشت سان ڪو واسطو ئي نه آهي. ان کان اڳ احتساب عدالت خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس تي ڌُرين جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو