سوڊان ۾ اڄ کان ٽن ڏينهن جي جنگ بندي جو اعلان

سوڊان ۾ اڄ کان ٽن ڏينهن جي جنگ بندي جو اعلان

خرطوم (ويب ڊيسڪ)گهرو ويڙهه جو شڪار سوڊان ۾ ٽن ڏينهن جي جنگ بندي جو اعلان ڪيو ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب سوڊان ۾ پاڪ فوج ۽ پيرا ملٽري فورسز وچ ۾ جاري گهرو ويڙهه ۾ اڄ کان 3 ڏينهن لاءِ جنگ بندي جو اعلان ڪيو ويو. مختلف ملڪن طرفان سوڊان مان شهرين جي ايمرجنسي ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي.سعودي عرب، آمريڪا، فرانس، برطانيا ۽ جرمني سميت ڪيترن ئي يورپي ۽ آفريڪي ملڪن سوڊان مان پنهنجا سفارتي عملي ۽ شهري واپس گهرائي ورتا آهن.پرڏيهي خابرو اداري موجب سعودي عرب ڇنڇر ڏينهن سوڊان مان پنهنجي 91 شهرين ۽ ٻين ملڪن جي 66 شهرين کي واپس گهرائي ورتو، جڏهن ته آمريڪا آچر جي رات خرطوم مان 100 جي لڳ ڀڳ سفارتي عملي کي ٻاهر ڪڍيو.ٻئي طرف 427 پاڪستانين کي به سوڊان جي بندرگاهه آندو ويو، پر هڪ خاندان جي گادي واري شهر خرطوم ۾ ڦاسي پيو، پاڪستان ۾ موجود خاندانن مدد جي اپيل ڪئي آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستانين لاءِ سفري انتظام ڪيا پيا وڃن.وزيراعظم آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پاڻ سوڊان مان متاثرن کي ڪڍڻ واري آپريشن جي نگراني ڪري رهيو آهي. شهباز شريف هوائي فوج جي سربراهه ظهير بابر صديقي ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم کي نيڪالي بابت جامع حڪمت عملي تيار ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو