سون جي ڳالهه تان ڀائر وڙهي پيا، ڪيس داخل، مظاهرو

نوشهروفيروز(ڊ ر) ڳوٺ الهرکيو ڪلهوڙو جي رهواسين علي گل، حاجي مصري، الهداد، علي احمد، برڪت علي ڪلهوڙو ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد زخمي علي گل ڪلهوڙو صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي ڀائرن منصور۽ مسعود ڪلهوڙو ڪجهه وقت اڳ بئنڪ مان پئسا وٺڻ لاءِ مون کان پنهنجي گهرواري جو سونو ٽڪو ورتو هو، جيڪو واپس گهرڻ تان منهنجي ڀائرن مون کي ۽ منهنجي گهرواري کي تشدد جو نشانو بڻائي سون واپس ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو. جنهن بعد منهنجا ساهرا منهنجي گهرواري کي وٺي ويا ڪالهه منٿ ميڙ بعد مان پنهنجي گهرواري کي واپس وٺي آيس ته منهنجا ڀائر جوابدار يار محمد، بچل، بابرعلي ۽ پوليس اهلڪار محمد يعقوب سان گڏجي ٻيهر حملو ڪري مون کي ۽ منهنجي گهرواري کي تشدد جو نشانو بڻائڻ سان گڏ پسٽل جا فائر ڪري مارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ منهنجي گهرواري کان سونو لاڪيٽ پڻ کسي ويا اهڙي دانهن اسان نوشهروفيروز ٿاڻي تي ڏني. جنهن تي جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آهي پر جوابدار گرفتا ناهن ٿيا. هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو