ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سون جي في تولو قيمت ۾ 3,500 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جُيولرز جي مطابق، سون جي قيمت 3 هزار 500 رپيا گهٽتائي بعد 4 لک 20 هزار 362 رپيا في تولو ٿي وئي آهي. ان کان علاوه، 10 گرام سون جي قيمت 3 هزار گهٽجڻ بعد3 لک 60 هزار 392 رپيا ٿي وئي آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قيمت 35 ڊالر گهٽجڻ بعد 3,980 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي.










