اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڀاڻ ۽ ڪيڙي مار دوائن تي ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز کي رد ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف هاڻي غور ڪري رهيا آهن ته جيڪڏهن آمدني ۾ گهٽتائي وڌي وڃي ته هنگامي بنيادن تي اضافي آمدني پيدا ڪرڻ لاءِ سولر پينل، انٽرنيٽ ۽ ٻين شعبن تي ٽيڪس جي شرح ڪيئن وڌائي وڃي، ذريعن موجب، اهي تجويز ڪيل “هنگامي ٽيڪس قدم” آءِ ايم ايف جي ٻئي جائزي رپورٽ جو حصو هوندا، جيڪو فنڊ جي ايگزيڪيوٽو بورڊ پاران 1 ارب ڊالر جي ٽئين قسط جي منظوري کان پوءِ جاري ڪيو ويندو، اهي قدم ان صورت ۾ لاڳو ڪيا ويندا جيڪڏهن مالي سال جي پهرين اڌ (جولاءِ-ڊسمبر) ۾ آمدني ۾ گهٽتائي مقرر ڪيل حد کان وڌي وڃي يا ناڻي واري وزارت خرچ گهٽائڻ جي قابل نه رهي،ايف بي آر پاران آءِ ايم ايف کي پيش ڪيل تجويزن ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ضروري هجي ته درآمد ٿيل سولر پينل تي جي ايس ٽي جي شرح 10 سيڪڙو کان وڌائي 18 سيڪڙو ڪري سگهجي ٿي، جيڪا جنوري 2026 کان لاڳو ٿيندي. ساڳئي طرح، انٽرنيٽ تي ود هولڊنگ ٽيڪس کي 15 سيڪڙو کان وڌائي 18 يا 20 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز پڻ غور هيٺ آهي.ايف بي آر جي اندازي مطابق، ايندڙ سالن ۾ درآمد ٿيل سولر پينلز مان 25 کان 30 هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت هوندي. هن وقت، ڇت تي ٺهيل سولر پينل 6000 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن، جيڪا ڪنهن به وقت ٻيڻي ٿي سگهي ٿي.حڪومت شمسي توانائي جي پکيڙ کي محدود ڪرڻ جا طريقا ڳولي رهي آهي جيئن اهو بجلي جي گرڊ سسٽم تي انحصار گهٽائي، ڇاڪاڻ ته صرف گنجائش جي ادائيگي هن مالي سال ۾ 1.7 ٽريلين رپين تائين پهچڻ جو اندازو آهي










