ٽنڊو محمد خان (ن س)شيخ ڀرڪيو ٿاڻي جي ڳوٺ خالق ڏنو سهتو ۾ سوشل ورڪر رضيا سهتو تي شر پسندن جو حملو حملي آورن سوشل ورڪر جي گاڏي جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا سوشل ورڪر رضيا سهتو کي مارڻ جي ڪوشش علائقي جي ماڻھن پهچي سوشل ورڪر رضيا سهتو کي بچايو رابطي دوران سوشل ورڪر رضيا سهتو ٻڌايو ته آئون ٽنڊو محمد خان پنهنجي ڳوٺ خالقڏنو سهتو پهتس تي اتي جي منهنجي مائيٽن عورتون سميت حملو ڪري جان کان مارڻ جي ڪوشش ڪئي منهنجي رڙين تي ڳوٺاڻن اچي منهنجي جان بچائي رضيا سهتو وڌيڪ چيو ته متاثرن جي واهرڪرڻ تي مون تي سازش تحت حملو ڪيو ويو آھي ۽ حملي آور تي بااثرن جو هٿ آھي ۽ منهنجي جان کي خطرو آھي ان چيو ته شيخ ڀرڪيو پوليس کي اطلاع ڪيو آھي اميد ته مون تي حملي ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو ٻئي طرف ٽنڊو محمد خان جي سوشل تنظيمن ۽ قومپرست تنظيم جي اڳواڻن زاهد جسڪاڻي جاويد هاليپوٽوجمن ملاح منور سومرو اورنگزيب شيخ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته سوشل ورڪر تي حملي ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري فورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو جڏهن ته شيخ ڀرڪيو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي سوشل ورڪر رضيا سهتو با حفاظت ٿاڻي تي وٺي آئي ۽ سوشل ورڪر رضيا سهتو جي فرياد تي 6 جوابدارن تي موتمار ڌمڪين ۽ حملي جي ايف آئي آر داخل ڪئي وئ آھي جڏهن ته پوليس پاران جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لا۽ ڇاپا هنيا پيا وڃن










