اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) سوشل ميڊيا تي پئسن جي نمائش ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو اهم فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب سوشل ميڊيا تي پئسن جي نمائش ڪندڙ لکين ماڻهن جو ڊيٽا جمع ڪيو ويو آهي، پهرين مرحلي ۾ ايف بي آر هڪ لک امير ماڻهن جو آڊٽ ڪندو. ذريعن ٻڌايو آهي ته شادين تي وڏا خرچ ڪندڙ نان فائلرز جي خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي، شادين تي 20-20 هزار ڊالرن جا ڪپڙا استعمال ڪندڙن خلاف به ڪارروايون ڪيون وينديون. بنگلن، گاڏين ۽ زورن جي نمائش ڪندڙن کي آمدني جا ذريعا ٻڌائڻا پوندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر گذريل سال جمع ڪرايل گوشوارن جي هن سال ڀيٽ ڪندو. گڏيل گوشوارن مان 80 سيڪڙو جو آڊٽ ڪيو ويندو. دولت جي نمائش ڪندڙن کي ٽيڪس ريٽرن جي ذريعي آمدني جا ذريعا ٻڌائڻا پوندا. ايف بي آر اختيارين موجب گوشوارن ۾ سالياني آمدني جو اضافو ظاهر نه ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. اهڙا ماڻهو قانوني ڪارروائي کان بچڻ جي لاءِ پنهنجا ٽيڪس ريٽرن اپ ڊيٽ ڪري وٺن. ايف بي آر آگاهه ڪيو آهي ته انڪم ٽيڪس گوشوارن ۾ اپ ڊيٽ ڄاڻ ڏيندڙن کي في الحال ڪجهه به نه چيو ويندو.










