سوشل ميڊيا تان فحش مواد فوري طور هٽائڻ جو حڪم

سوشل ميڊيا تان فحش مواد فوري طور هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سوشل ميڊيا تان فحش مواد فوري طور هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل عباسي سوشل ميڊيا تي فحش مواد خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران درخواستگذار جي وڪيل پنهنجي دليلن ۾ چيو ته فيملي وي لاگنگ جي نالي تي فحاشي کي فروغ ڏنو پيو وڃي.ٻڌڻي دوران پي ٽي اي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پي ٽي اي کي فيس بڪ، يوٽيوب يا ٻي ڪنهن ويب سائيٽ تان مواد هٽائڻ جو اختيار ناهي، اعتراض واري مواد هٽائڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي خط لکڻو پوندو.ان دوران پي ٽي اي جي وڪيل جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي، جنهن تي عدالت چيو ته فيس بڪ، ٽڪ ٽاڪ ۽ ٻين ايپس تان فحش مواد هٽايو وڃي، جيڪو به حڪم هجي، حڪمن تي مڪمل عمل ڪيو وڃي ۽ سموريون ويب سائيٽس تان اعتراض جوڳا مواد هٽايا وڃن،عدالت حڪم ڏنو ته سوشل ميڊيا تي غير اخلاقي مواد خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ مڪمل چارٽ تيار ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو