سنگاپور ايئر شو ۾ چيني مسافر بردار هوائي جهاز توجه جو مرڪز بڻيل

سنگاپور ايئر شو ۾ چيني مسافر بردار هوائي جهاز توجه جو مرڪز بڻيل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)هي منظر سنگاپور ايئر شو جو آهي، جتي نمائشي هالن ۾ هوائي جهازن جا ماڊل، ڪاڪ پِٽ جا فرضي ڍانچا ۽ انٽرايڪٽو ڊسپلي رکيل آهن. هتي جديد ڪمرشل هوائي جهازن کان وٺي هوابازيءَ جي ٽيڪنالاجي تائين، هر شيءِ موجود آهي۔
سنگاپور ايئر شو ۾ هڪ بوٿ سڀني جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي، جيڪو مسافر هوائي جهاز ٺاهيندڙ چين جي سرڪاري ڪمپني ڪوميڪ جو آهي۔ هن اداري پاران تيار ڪيل مسافر هوائي جهاز سي 919 ٻه سالن اڳ سنگاپور ڏانهن پنهنجي پهرين اڏام ڀري هئي۔
هي هوائي جهاز ايئربس اي 320 نيو ۽ بوئنگ 737 ميڪس سان مقابلي لاءِ تيار ڪيو ويو آهي ۽ چين کان ٻاهر جي منڊين کي به پنهنجو هدف بڻائي رهيو آهي۔ ايشيا پئسفڪ علائقو هوابازيءَ جي تيزيءَ سان وڌندڙ منڊي آهي۔ اهڙي وقت ۾، جڏهن هوائي ڪمپنيون ترسيل ۾ دير ۽ سپلائي چين جي دٻاءَ کي منهن ڏئي رهيون آهن، ڪوميڪ لاءِ هي ايئر شو هڪ موقعو آهي ته هو پاڻ کي ايشيا پئسفڪ ۾ ايئربس ۽ بوئنگ جو ممڪنه حريف ثابت ڪري سگهي۔
بين الاقوامي ايئر ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن (آءِ اي ٽي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل ولي والش بي بي سي کي ٻڌايو: “منهنجو خيال آهي ته هڪ وقت اهڙو ايندو، جڏهن ڪوميڪ سڄي دنيا سان مقابلو ڪندي، پر ان ۾ وقت لڳندو۔ اڄ کان 10 يا 15 سال پوءِ اسان بوئنگ، ايئربس ۽ ڪوميڪ بابت ڳالهيون ڪري رهيا هونداسين۔ بيشڪ اهي مستقبل جا اهم رانديگر هوندا۔”
والش جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هوائي جهاز دستياب ٿيا ته ئي ايشيا پئسفڪ جون هوائي ڪمپنيون سال 2026 ۾ ٻه انگي شرح سان واڌ ڏسي سگهنديون۔ سندس مطابق: “هي هوائي ڪمپنين لاءِ انتهائي پريشان ڪندڙ صورتحال آهي، ڇو ته جهاز جو آرڊر ڏيڻ ۽ ان جي ترسيل وچ ۾ لڳ ڀڳ ست سال لڳي وڃن ٿا۔” انهيءَ سبب ڪري ڪوميڪ هاڻي ايشيا پئسفڪ جي هوائي ڪمپنين لاءِ هڪ وڌيڪ متبادل طور اڀري رهي آهي۔
هن وقت چين ۾ 150 کان وڌيڪ ڪوميڪ جا هوائي جهاز استعمال هيٺ آهن۔ لائوس، انڊونيشيا ۽ ويٽنام ۾ به ڪوميڪ جا جهاز اڏامون ڀري رهيا آهن۔ برونائي جي ڪمپني گيلپ ايئر ڪوميڪ جي جهازن جو وڏو آرڊر ڏنو آهي، جڏهن ته ڪمبوڊيا به لڳ ڀڳ 20 جهاز خريد ڪرڻ جو منصوبو ٺاهي رهيو آهي۔
ايشيا پئسفڪ ايئرلائنز ايسوسيئيشن جي ڊائريڪٽر جنرل سڀاش مينن جو چوڻ آهي:
“سپلائي چين ۾ رڪاوٽن کان بچڻ لاءِ وڌيڪ سامان فراهم ڪندڙن جي ضرورت آهي۔ هن صنعت سان مسئلو اهو آهي ته سپلائي چين تي ٿورين ڪمپنين جي اجاره داري آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن رڳو ٻن ڪمپنين جي به۔”
هن وڌيڪ چيو: “اسان ڊگهي عرصي کان ان جو انتظار ڪري رهيا هئاسين۔ ڪوميڪ هڪ خوش آئند اضافو آهي۔ اسان کي وڌيڪ سپلائرز جي ضرورت آهي، خاص طور تي ايشيا پئسفڪ ۾۔” ڪمپني هن وقت سٺي حيثيت ۾ آهي۔ اڀرندڙ منڊين ۾ ڪوميڪ کي مليل سرڪاري حمايت ۽ نسبتاً سستا جهاز، محدود سرمائي رکندڙ هوائي ڪمپنين لاءِ ان کي پرڪشش بڻائين ٿا۔
فلپائن جي گهٽ خرچ واري هوائي ڪمپني سيبو پئسفڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو مائيڪ سزڪس بي بي سي کي ٻڌايو: “اسان مستقبل ۾ ايندڙ نون رانديگرن جو ڀليڪار ڪريون ٿا۔ اسان جي سخت خواهش آهي ته هن شعبي ۾ مقابلي جي فضا پيدا ٿئي۔
ڪوميڪ کي اڃا پنهنجي سرٽيفڪيشن واري عمل مان گذرڻو آهي، ۽ اسان ڏسون ٿا ته 2030ع جي ڏهاڪي ۾ ڪنهن وقت ڪوميڪ اسان لاءِ ۽ ٻين هوائي ڪمپنين لاءِ به پرڪشش بڻجي سگهي ٿي۔”
ايشيا پئسفڪ ۾ واڌ سان گڏ ڪوميڪ يورپي سرٽيفڪيشن حاصل ڪرڻ جي ڪوشش به ڪري رهي آهي۔ ريگيوليٽر ڪوميڪ پاران تيار ڪيل سي 919 جهاز تي اڏامون ڪري ان جي جاچ ڪري رهيا آهن۔ جيڪڏهن جهاز ڪامياب قرار ڏنو ويو ته ان کي يورپي هوائي ڪمپنين کي وڪڻڻ جي اجازت ملي ويندي۔
پر اڳتي جو سفر ڪافي ڊگهو آهي۔ ريگيوليٽرن جو چوڻ آهي ته يورپي سرٽيفڪيشن ملندي ملندي 2028ع، بلڪه 2031ع تائين به پهچي سگهي ٿي۔ ان دوران چيني پرزن، فلائيٽ ڪنٽرولز ۽ سافٽ ويئر کي مغربي معيار مطابق بڻائڻ به بين الاقوامي آرڊرن لاءِ هڪ فني پيچيدگي آهي۔
هوائي جهازن جي سار سنڀال ۽ مرمت جو نظام به ڪوميڪ لاءِ هڪ ٻي رڪاوٽ آهي، ساڳي ريت پائلٽن جي تربيت پڻ۔ اهي اهڙا شعبا آهن، جن ۾ بوئنگ ۽ ايئربس جهڙيون ڪمپنيون ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مضبوط نظام قائم ڪري چڪيون آهن۔
ايشيا پئسفڪ ۾ ڪوميڪ کي بوئنگ ۽ ايئربس کان علاوه هڪ ٻيو مقابلو به درپيش آهي۔ اهو مقابلو برازيل جي هوائي جهاز ٺاهيندڙ ڪمپني ايمبريئر سان آهي، جيڪا اڳ ئي علائقي ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي چڪي آهي۔ سنگاپور جي گهٽ خرچ واري ايئرلائن اسڪوٽ، ورجن آسٽريليا ۽ جاپان جي آل نپان ايئرلائنز (اي اين اي) ايمبريئر جهازن جي خريداري لاءِ آرڊر ڏئي رهيون آهن۔
تنهن هوندي به، بوئنگ ۽ ايئربس جا قدم سنگاپور ايئر شو سان گڏ علائقي ۾ اڃا تائين مضبوط آهن۔ جيڪي هوائي ڪمپنيون ڪيترن سالن کان جهازن جي ترسيل ۾ دير سبب پريشان آهن، انهن کي بوئنگ ۽ ايئربس اهو پيغام ڏئي رهيا آهن ته ترسيل جي رفتار بهتر ٿيڻ واري آهي۔
سيبو پئسفڪ جي مائيڪ سزڪس جو چوڻ آهي: “اهو چوندي خوشي محسوس ٿئي ٿي ته شايد هاڻي سرنگهه جي آخر ۾ روشني نظر اچي رهي آهي۔” ڪوميڪ پاران جهازن جي فراهميءَ جي انگن اکرن بابت به سوال اٿاريا پيا وڃن۔ اڳ ۾ چيو ويو هو ته چيني هوائي ڪمپنين ڪوميڪ کي هڪ هزار سي 919 مسافر جهازن جا آرڊر ڏنا آهن، پر هينئر تائين رڳو درجن کن جهاز ئي فراهم ڪيا ويا آهن۔
انهن انگن جي تصديق به مشڪل آهي، ڇو ته بوئنگ ۽ ايئربس جي ابتڙ، ڪوميڪ چين جي سرڪاري ڪمپني آهي۔ يعني ان لاءِ پنهنجي پيداوار، خرچن ۽ آمدنيءَ جا تفصيل عوام آڏو آڻڻ لازمي ناهي۔ جيستائين ڪوميڪ انهن مان ڪجهه يا سڀ مسئلا حل نٿي ڪري، غالب امڪان اهو ئي آهي ته ايشيا پئسفڪ جي فضائن تي بوئنگ ۽ ايئربس جي .حڪمراني قائم رهندي (نوٽ هي اسٽوري بي بي سي تي شايع ٿي، جن جي ٿورن سان اسين پيش ڪري رهيا آهيون. ادارو)

پهنجو تبصرو موڪليو