سنڌ ۾ 25 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، وفاق مدد ڪري، مرتضيٰ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب ٻڌايو آهي ته تازين برساتن ۾ سنڌ ۾  15هزار ڳوٺ پاڻي هيٺ آهن، 25 لک ماڻهو يعني 5 لک خاندان متاثر ٿيا آهن. پريس ڪانفرنس دوران هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ 10 لک ايڪڙن تي بيٺل فصل متاثر ٿيا آهن ۽ ووفاقي حڪومت جي مدد کانسواءِ ٿيل نقصان جو ازالو ڪرڻ ممڪن ناهي. هن هڪ ڀيرو ٻيهر وفاقي حڪومت کي مدد جي پيل ڪندي چيو ته زرعي قرض معاف ڪي وڃن. هن وزيراعظم کي دعوت ڏني ته سنڌ جي ماڻهن سان هن مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏيو اوهان به سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ بلاول ڀٽو جيان وزيراعظم به سنڌ جي متاثر علائقن جو دورو ڪري. سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته1311 ارب رپين جي پلان ۾ 802 ارب رپيا سنڌ حڪومت جا آهن، وفاق رڳو 362 ارب رپيا ڏيندو.هن چيو ته وفاقي حڪومت جي دعويٰ بعد وضاحت ڪرڻ ضروري هو ۽ اسين بليم گيم ۾ پوڻ نٿا چاهيون.  سنڌ حڪومت سياست کي پاسيرو رکي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ وفاق سان گڏ ويٺي، ڪراچي ۾ مقامي، صوبائي ۽ وفاق جو اسٽيڪ آهي، تڏهن به سمورين شين جو ملبو صوبائي حڪومت مٿان رکيو وڃي ٿو، هن چيو ته بحريه ٽائون جي 460 ارب رُپين تي سنڌ جو حق آهي، سُپريم ڪورٽ ۾ ڪيس ٻن سالن کان اُن ڪري التوا جو شڪار آهي جو سنڌ حڪومت جي درخواست جي وفاق مخالفت ڪئي آهي، پئسا سنڌ سرڪار کي ملندا ته رولڙي جو شڪار منصوبن ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ تي خرچ ڪيا ويندا. ياد رهي ته وزيراعظم اڳ ۾ ئي اين ڊي ايم اي کي صوبن ۾ برسات سبب نقصان جو اندازو لڳائڻ جو حڪم ڏئي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو