سکر(ن س) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ کان ڪنهن به بئراج کي ڪو به خطرو ناهي.ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ پريس بريفنگ دوران چيو ته 4 سيپٽمبر تي هڪ وڏو ٻوڏ سنڌ ۾ داخل ٿيندو، جنهن دوران سنڌ ۾ وڏي ٻوڏ ايندي، پر اسان سپر فلڊ لاءِ تياريون ڪيون آهن.هن چيو ته ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي 36 هنڌن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته 16 هزار کان وڌيڪ ڳوٺ ۽ 16 لک ماڻهو ٻوڏ کان متاثر ٿيندا.ارسلان شيخ چيو ته گڊو بئراج جي گنجائش 1.25 ملين ۽ سکر بئراج جي گنجائش 9.5 ملين ڪيوسڪ آهي، ٻوڏ کان ڪنهن به بئراج کي ڪو به خطرو ناهي، جڏهن ته حفاظتي بند ٺاهيا ويا آهن، ۽ صوبي ۾ ممڪن سپر فلڊ جي حوالي سان انتظام مڪمل آهن.










