سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف جماعت اسلامي جو  احتجاجي مظاهرو

سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف جماعت اسلامي جو احتجاجي مظاهرو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ۽ ڀُنگ لاءِ وڌندڙ اغوا جي وارداتن خلاف جماعت اسلامي سنڌ پاران ڪراچي پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو، اغوا ٿيل ماڻهن جا وارث، سول سوسائٽي جي نمائندن، علماءِ ڪرام ۽ سياسي سماجي اڳواڻن جي شرڪت، ايندڙ جمعي 07 اپريل تي ڪشمور، گهوٽڪي،شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ احتجاجي مظاهرن ۽ ڌرڻن جو اعلان. وزيراعلى مراد علي شاه سنڌ ۾ قيام امن ۽ شهرين جي جان توڙي مال جي حفاظت ۾ ناڪام ثابت ٿي چڪو جنهن وٽ گهرووزارت جو محڪمو پڻ آهي. قيام امن ۽ اغوا ٿيلن جي جلد بازيابي لاءِ فوجي آپريشن ۽ ڏوهارين توڙي سندن سرپستن خلاف بي رحماڻي ڪاروائي جو مطالبو. احتجاجي مظاهري کي جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي خطاب ڪندي چيو ته اهڙا حڪمران جيڪي امن قائم نٿا ڪري سگهن انهن کي حڪومت ۾ رهڻ جو ڪوبه حق ناهي، رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ اکين جي ماهر ڊاڪٽر بيربل سميت اهم شخصيتن جو قتل ۽ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ صوبي ۾ امن امان جي دعويدار حڪومت لاءِ سوچڻ جو مقام آهي، سڄو سنڌ خاص طور تي اپر سنڌ جا گهوٽڪي، ڪشمور، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعي ۾ امن امان جي خراب صورتحال ۽ ڀُنگ لاءِ اغوا جي وارداتن ۾ تيزي سان اضافي عوام جو جيئڻ جنجال ۽ عام زندگي کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي، هن وقت به فقط ڪشمور ضلعي مان 25 ماڻهو اغوا ٿي ڌاڙيلن جي چنبي ۾ قيد آهن جن جي وارثن جي گهرن ۾ روڄ راڙو ۽ ماتم جڏهن ته سنڌ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بي وس نظر اچي رهيا آهن، سنڌ حڪومت امن امان جي نالي تي ڳري رقم خرچ ڪرڻ باوجود شهرين جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي. عيد کان اڳ ۾ اغوا ٿيل ماڻهن کي بازياب نه ڪرايو ويو ته وزيراعلى ۽ گورنر هائوس سامهون ڌرڻي سميت ٻين آپشن تي غور ڪيو ويندو. صوبائي نائب امير حافظ نصرالله چنا احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته مقامي ايم اين اي ۽ ايم پي اي جي مرضي سان مقرر ٿيندڙ پوليس آفيسرن ۽ ڏوهارين جي ڳٺ جوڙ جي ڪري اڄ ڪشمور سميت سنڌ جو امن تباه، علائقي جي معصوم ٻارن کي به اها خبر هوندي آهي ته ڪهڙو بااثر شخص ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪري رهيو آهي، پر حيرت آهي ته حڪومت کي خبر ناهي انڪري جيسيتائين بااثر ماڻهن ۽ ڌاڙيلن جو باهمي نيٽ ورڪ ختم کي نه ڪيو ويندو تيسيتائين سنڌ ۾ امن امان جو قيام ۽ عام شهري سُک جو ساه نٿو کڻي سگهي. جمعيت اتحاد العلماء سنڌ جي ناظم اعلى علامه حزب الله جکرو خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ ۾ امن امان جي حالت اها آهي جو اڳ ۾ رڳو مرد اغوا ٿيندا هئا، پر هاڻي عورتون به اغوا ٿي رهيون آهن، ڪنڌ ڪوٽ مان معصوم ٻار سميت نازيه کوسو جو اغوا سنڌ حڪومت جي منهن تي چماٽ آهي. جي آءِ يوٿ سنڌ جي صدر ڊاڪٽر امتياز پالاري چيو ته عيد کان پهرين اغوا ٿيل ماڻهن کي بازياب نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ جي هر پريس ڪلب سامهون ڌرڻا هڻنداسين. احتجاجي مظاهري کي سول سوسائٽي جي امداد الله کوسو، ايڊوڪيٽ حنيف نوناري، عبدالمجيد ملاح سميت ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو#.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو