ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ٻيلين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ جي ٻيلي کاتي پاران 10 لک وڻ پوکڻ جو ٽارگٽ حاصل ڪري ورتو. چيف ڪنزرويٽر قاضي عبدالجبار سنڌيار کي ٻڌايو ته اسين 13 لک پنج هزار 405 وڻ هڪ ڏينهن ۾ پوکيا آهن ۽ ٽارگٽ کان مٿي ٻوٽا پوکيا.

هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ وڻ پوکڻ لاءِ خصوصي ٽيمون ترتيب ڏنيون ويون. هن چيو ته اسين سنڌ ۾ ٻيلن جي بحالي واري مشن تي ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ جيڪڏهن سنڌ حڪومت گهربل فنڊز وقت تي مهيا ڪيا ته ٽارگٽ حاصل ڪري وٺبو. هن چيو ته مان پنهنجي ساٿين کي 13 لک کان مٿي وڻ پوکڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو.










