سنڌ ۾ هڪ مهيني لاءِ قلم 144 لاڳو

سنڌ ۾ هڪ مهيني لاءِ قلم 144 لاڳو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي ۾ هڪ مهيني لاءِ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.سنڌ جي گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، قلم 144 تحت هڪ مهيني لاءِ صوبي ۾ اجتماعن، جلوسن، ريلين ۽ ڌرڻن تي پابندي هوندي.نوٽيفڪيشن موجب، قلم 144 تحت صوبي ۾ 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏجاڻين تي پابندي هوندي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته صوبي ۾ قلم 144 آءِ جي سنڌ جي درخواست تي لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ هي قدم امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي کنيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو